ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سينيئر اداڪار ۽ هدايتڪار راڪيش روشن چيو آهي ته سندس پٽ رتيڪ روشن کي ماضي ۾ ڳالهائڻ جي مسئلن سبب ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پيو.
پرڏيهي ميڊيا موجب، رتيڪ روشن، جيڪو پنهنجي پهرين ئي فلم ”ڪهو نه پيار هي“ذريعي راتو رات سپر اسٽار بڻيو، کي ننڍپڻ ڪيئي مشڪلاتن مان گذرڻو پيو.
راڪيش روشن ٻڌايو ته هو پنهنجي پٽ جي جدوجهد کي ڏسي سگهي پيو ۽ ان لاءِ ڏک محسوس ڪندو هو، ڇو ته رتيڪ گهڻو ڪجهه چوڻ چاهيندو هو، پر کيس ڳالهائڻ مشڪل پيش ايندي هئي.
هن هڪ واقعو ٻڌائيندي چيو ته رتيڪ تمام گهڻو تعليم يافته ۽ ذهين آهي، پر ڳالهائڻ ۾ هٻڪڻ سبب پاڻ کي روڪي ڇڏيندو هو.
هڪ ڀيري دبئي ۾ هو، جتي کيس رڳو ” ٿينڪ يو دبئي “چوڻو هو، پر هو ”ٿينڪ يو ڊي…“ تي اٽڪي پيو هو.
راڪيش روشن ٻڌايو ته رتيڪ روز صبح جو اُٿي مسئلي تي ظابطو آڻڻ لاءِ هڪ ڪلاڪ انگريزي، هندي ۽ اردو اخبارون وڏي آواز ۾ پڙهندو هو.
سندس چوڻ هو ته گذريل ڏهن کان ٻارهن سالن دوران رتيڪ جي هٻڪڻ واري مسئلي مان ڇوٽڪارو حاصل ڪري چڪو آهي.
واضح رهي ته رتيڪ روشن پاڻ به مختلف موقعن تي پنهنجي ان مسئلي بابت ٻڌائي چڪو آهي.
You might also like