ٽِڪ ٽاڪ واهپيدارن جو وڏو مسئلو حل ڪري ڇڏيو

ٽڪ ٽاڪ ايپ جي اندر سيڪيورٽي سيٽنگز کي ذاتي ضرورت موجب ترتيب ڏيڻ وارو عمل وڌيڪ سولو بڻايو ويو آهي.
ان مقصد لاءِ مشهور وڊيو شيئرنگ ايپ ۾ هڪ سيڪيورٽي هب متعارف ڪرايو ويو آهي، جتي سڀ سيٽنگز هڪ ئي هنڌ موجود آهن.
سيڪيورٽي چيڪ اَپ نالي هب ذريعي واهپيدار مختلف سيڪيورٽي آپشنز کي ساڳي جاءِ تي آن يا آف ڪري سگهن ٿا.
ان سان گڏوگڏ هب ۾ شڪي سرگرمين تي نظر رکي سگهجي ٿي ۽ اڪائونٽ سيڪيورٽي بهتر بڻائڻ بابت مشورا حاصل ڪري سگهجن ٿا.
سيڪيورٽي چيڪ اپ ۾ واهپيدار لاگ ان لاءِ پاس ڪي فعال ڪري سگهن ٿا يا ٽو فئڪٽر آٿينٽيڪيشن جو واڌارو ڪري سگهن ٿا.
ان کانسواءِ لاگ ان ٿيل ڊوائيسز جو اسٽيٽس ڏسي يا ختم ڪري سگهن ٿا.
هن سيڪيورٽي هب تائين پهچ لاءِ ٽڪ ٽاڪ ايپ جي سيٽنگز اينڊ پرائيويسي مينيو کوليو ۽ سيڪيورٽي اينڊ پرمشنز تي ڪلڪ ڪريو.
ان کان اڳ ٽڪ ٽاڪ طرفان والدين لاءِ پيرنٽل ڪنٽرول فيچرز متعارف ڪرايا ويا هئا، ته جيئن هو پنهنجي گهٽ عمر وارن ٻارن جي نگراني ڪري سگهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.