قومي سلامتي ڪميٽي اجلاس: پي ٽي آءِ جي بائيڪاٽ کان اهم فيصلن تائين ڇا ڇا ٿيو؟

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽيءَ جو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ ٿيو، جيڪو 6 ڪلاڪن کان وڌيڪ جاري رهيو، جڏهن تي پي ٽي آءِ طرفان اجلاس جو بائيڪاٽ ڪيو ويو.
اجلاس ۾ ملڪ جي موجوده سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو ورتو ويو، جڏهن ته عسڪري قيادت پاران قومي سلامتي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
اجلاس ۾ وزيراعظم شهباز شريف، آرمي چيف جنرل عاصم منير، ڊي جي آءِ ايس آءِ، ڊي جي ملٽري آپريشنز، سربراهه جي يو آءِ (ف) مولانا فضل الرحمان، پيپلز پارٽيءَ جي چيئرمين بلاول ڀٽو، آزاد ڪشمير جي وزيراعظم ، ناڻي واري وزير، خيبرپختونخوا جي وڏي وزير، گورنر پنجاب، بچاءُ واري، ٻين شخصيتن ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي.
ذريعن موجب، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پرڏيهه ۾ هئڻ سبب اڄوڪي اجلاس ۾ شرڪت نه ڪري سگهيو،
اجلاس قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق جي صدارت هيٺ ٿيو، جتي عسڪري قيادت قومي سلامتي جي صورتحال تي تفصيلي بريفنگ ڏني.
اسپيڪر اياز صادق اجلاس ۾ شرڪت ڪندڙن کي ڀليڪار ڪندي چيو ته ملڪ کي پيش چئلينجن سان گڏيل اتحاد ۽ هم آهنگيءَ سان منهن ڏيڻو پوندو.

دهشتگردي خلاف جنگ ۾ قوم متحد آهي: وزيراعظم
وزيراعظم شهباز شريف بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا جي سيڪيورٽي صورتحال تي ڳڻتيءَ جو اظهار ڪندي چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پوري قوم متحد آهي ۽ دهشتگرديءَ کي هر حال ۾ شڪست ڏبي.
هن وڌيڪ چيو ته سيڪيورٽي فورسز جي قربانين کي ڀيٽا پيش ڪجي ٿي.

آرمي چيف ۽ ڊي جي ايم او جي بريفنگ
اجلاس دوران آرمي چيف جنرل عاصم منير 50 منٽن ۽ ڊي جي ملٽري آپريشنز 30 منٽن جي بريفنگ ڏني، ان کانپوءِ 15 منٽن جو وقفو ڪيو ويو.

ڪي پي جي وڏي وزير جون ڳاليهون
خيبرپختونخوا جي وزيراعليٰ علي امين گنڊاپور چيو ته ڪي پي ۾ سيڪيورٽي مسئلا موجود آهن، پر پوليس ۽ سيڪيورٽي ادارن جو مورال بلند رکڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن.
هن قبائلي ضلعن کي مڪمل وسيلن جي فراهميءَ جو به مطالبو ڪيو.

مولانا فضل الرحمان ۽ بلاول ڀٽو جا بيان
مولانا فضل الرحمان اجلاس ۾ پي ٽي آءِ جي غير حاضري تي مايوسيءَ جو اظهار ڪيو ۽ چيو ته جيڪڏهن هو مشورو وٺن ها ته مان شرڪت جو مشورو ڏيان ها.
بلاول ڀٽو زرداريءَ چيو ته افغانستان دهشتگردن جي پناهگاهه بڻجي چڪو آهي ۽ پاڪستان ۾ وڌندڙ دهشتگرديءَ تي سفارتي سطح تي ڀرپور موقف رکڻ جي ضرورت آهي.
هن دهشتگرديءَ جي خاتمي لاءِ مڪمل عزم ۽ غير مشروط سهڪار جو به اعلان ڪيو.

اجلاس جا اهم فيصلا
اجلاس ۾ دهشتگردي خلاف سيڪيورٽي ادارن جي بهادريءَ کي ساراهيو ويو.
نئين قومي ايڪشن پلان تي عملدرآمد کي لازمي قرار ڏنو ويو.
دهشتگردن جي سوشل ميڊيا نيٽ ورڪ کي روڪڻ لاءِ قدمن تي زور ڏنو ويو.
ملڪ جي امن ۽ استحڪام کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن خلاف سخت ڪارروائي ڪرڻ جو عزم ورجايو ويو.
واضح رهي ته قومي سلامتي ڪميٽي جو هي اجلاس وزيراعظم شهباز شريف جي سفارش تي طلب ڪيو ويو هو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.