چيمپيئنز ٽرافي جي ميزباني سبب وڏو مالي نقصان؟ پي سي بي ڀارتي دعوائون رد ڪري ڇڏيون

لاهور (ويب ڊيسڪ) آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي کانپوءِ ڀارتي ميڊيا پاڪستان ڪرڪيٽ کي بدنام ڪرڻ جي مهم شروع ڪري ڇڏي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ ڀارتي ميڊيا ۾ شايع ٿيل رپورٽ کي هٿ ٺوڪي، بي بنياد ۽ حقيقتن جي ابتڙ قرار ڏئي ڇڏيو.
پي سي بي ترجمان جو چوڻ آهي ته ڀارتي ميڊيا افواهن تي ٻڌل خبرون پکيڙي رهي آهي، قومي ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ ۾ رانديگرن جي ميچ فيس ۾ ڪٽوتي جي بنياد بڻائي هيءَ ڪهاڻي گهڙڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
ترجمان چيو ته چيمپيئنز ٽرافي سبب پي سي بي کي ڪو به مالي نقصان ناهي ٿيو، اسان کي ميزبانيءَ تي 6 ملين ڊالر ملندا، جڏهن ته گيٽ مني جي آمدنيءَ جو حتمي فيصلو ڪجهه مهينن ۾ آڊٽ کانپوءِ ٿيندو، جڏهن ته هوٽلن جا ڀاڙا، جهازن جون ٽڪيٽون، انعامي رقم ۽ ٻيا خرچ آءِ سي سي ادا ڪندو.
واضح رهي ته ڀارتي ميڊيا جي رپورٽ ۾ دعويٰ ڪئي وئي هئي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ کي آءِ سي سي چيمپيئنز ٽرافي 2025 جي ميزباني دوران 869 ڪروڙ رپين (85 ملين ڊالر) جو نقصان ٿيو، جنهن کانپوءِ بورڊ رانديگرن جي ميچ فيس ۾ ڪٽوتي ڪرڻ ۽ فائيواسٽار هوٽلن جي سهولت ختم ڪرڻ جا قدم کنيا ويا آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.