عيد جي موڪلن جو اعلان ٿي ويو

ابوظهبي (ويب ڊيسڪ) متحده عرب امارات (يو اي اي) ۾ عيدالفطر جي موڪلن جو اعلان ڪيو ويو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، وفاقي اٿارٽي سرڪاري انساني وسيلن بابت وفاقي اٿارٽي ( ايف اي ايڇ آر ) سرڪيولر جاري ڪري ڇڏيو.
جاري ڪيل حڪنامي موجب، وفاقي حڪومت جي شعبي لاءِ عيدالفطر جون موڪلون پهرين شوال کان ٽِين شوال تائين هونديون، جڏهن ته سرڪاري آفيسون چار شوال کان ٻيهر کلنديون.
رپورٽ موجب، جيڪڏهن رمضان المبارڪ 30 ڏينهن جو ٿيو ته 30 رمضان تي هڪ واڌو موڪل ڏني ويندي، جنهن سان عيد جي موڪلن جو دورانيون وڌي ويندو.
خانگي شعبي لاءِ عيد جي موڪلن بابت في الحال ڪو به شيڊيول سامهون ناهي آيو، پر امڪان آهي ته ملازمن کي ساڳئي طريقييڪار تحت موڪلون ملنديون.
جيڪڏهن شوال جو چنڊ 29 مارچ ڇنڇر جي شام نظر آيو ته عيدالفطر 30 مارچ، آچر جي ڏينهن ٿيندي ۽ عيد جو پهريون ڏينهن آچر هوندو.
اهڙي صورت ۾ سرڪاري موڪلون آچر کان اڱاري تائين رهنديون ۽ گھڻن ماڻهن کي ڇنڇر کان اڱاري تائين 4 ڏينهن جو ويڪ اينڊ ملندو.
پر جيڪڏهن ڇنڇر جي شام چنڊ نظر نه آيو ته رمضان 30 ڏينهن جو ٿيندو ۽ عيد 31 مارچ، سومر تي ٿيندي.
اهڙي صورت ۾ ڇنڇر کان شروع ٿيندڙ موڪلون اربع 2 اپريل تائين جاري رهنديون، اهڙي طرح 5 ڏينهن جو ڊگهو ويڪ اينڊ ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.