گوگل 2020 ۾ يوٽيوب شارٽس کي ٽڪ ٽاڪ کي ٽڪر ڏيڻ لاءِ متعارف ڪرايو هو.
يوٽيوب جون مختصر وڊيوز روزانو ڪروڙين ماڻهو ڏسن ٿا، پر تازو ئي واهپيدارن کي يوٽيوب ۾ هڪ عجيب مسئلو پيش آيو.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ريڊيٽ تي ڪيترن ئي واهپيدارن رپورٽ ڪئي آهي ته جڏهن هو فون ۾ يوٽيوب ايپ کولين ٿا ته هوم پيج بدران سڌو شارٽس ٽيب کولي وڃي ٿي ۽ وڊيوز پاڻمرادو هلڻ لڳن ٿا.
اهو يوٽيوب ۾ ڪنهن بگ سبب ٿي رهيو آهي ۽ ڪيترن ئي هفتن کان واهپيدار ان مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهن.
يعني جڏهن ڪو واهپيدار ايپ کوليندو ته اها شارٽس وڊيو پاڻمرادو هلي پوندي، جيڪا ايپ بند ٿيڻ کان اڳ آخري ڀيرو ڏٺي وئي هئي، جڏهن ته هوم پيج کولڻ بدران اهو مسئلو پيش اچي ٿو.
9 ٽو 5 گوگل جي هڪ رپورٽ موجب، ڪجهه واهپيدارن وٽ شارٽس وڊيوز ان وقت به پاڻمرادو هلي رهيون آهن، جڏهن انهن آخري ڀيرو شارٽس ڏٺا به نه هئا.
اهو مسئلو اهڙن واهپيدارن سان به پيش اچي رهيو آهي، جيڪي يوٽيوب کي ماهوار فيس ادا ڪن ٿا.
هن وقت تائين واضع ناهي ته اِها معمولي ٽيڪنيڪي خرابي آهي يا ڪمپني طرفان ڄاڻي واڻي ڪيل ڦيرڦار ته جيئن ماڻهو وڌيڪ شارٽس ڏسي سگهن.
جيڪڏهن توهان اينڊرائيڊ واهپيدار آهيو ۽ ان مسئلي کي منهن ڏئي رهيا آهيو ته 9 ٽو 5 گوگل موجب، يوٽيوب جي اسٽوريج يا ڪيش فائلز کي ڪليئر ڪرڻ سان هي مسئلو حل ٿي سگهي ٿو.
پر پريشان ڪندڙ ڳالهه اها آهي ته شارٽس کي ٻيهر کولڻ سان اهو مسئلو ٻيهر سامهون اچي سگهي ٿو.
Next Post
You might also like