ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي سنڌڙي پوليس پاران مقابلي ۾ مارڻ ۽ هٿيار هٿ اچڻ وارن ڪيسن کي عدالت پاران بي ڪلاس ڪرڻ ۽ سنڌڙي ٿاڻي جي اڳوڻي ايس ايڇ او نياز کوسو تي عدالت جي حُڪم تحت داخل ٿيل ڪيس جي خلاف هائي ڪورٽ ۾ داخل ڪيل پٽيشن جي ٻڌڻي ٿي ٻڌڻي ۾ فريادي جو وڪيل نه هجڻ سبب ٻڌڻي 15 اپريل تائين عدالت ملتوي ڪري ڇڏي عدالت ٻاهران ڊاڪٽر شاهنواز تي داخل ٿيل ڪيسن جي جاچ آفيسر ڊي ايس پي اسلم جاگيراڻي صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته اسان جي جاچ کان اڳ ڊي آءِ جي حيدرآباد ۽ ڊي آئي جي نواب شاه جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪئي هئي ته مقابلو جڙتو آهي، جڏهن ته هڪ ٻي ڪاميٽي ڊي آءِ جي ميرپورخاص، ايس ايس پي نوابشاه ۽ ايس ايس پي عمرڪوٽ تي جوڙي وئي جنهن ۾ مون سميت ٻن ٻين ميمبرن تي ٻڌل ڪاميٽي جوڙي وئي ته ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي سمورن ڪيسن جي جاچ اسين ڪنداسين اسان انهن ڪيسن جي جاچ مڪمل ڪري اسان پوليس مقابلي ۽ هٿيار هٿ اچڻ واري ڪيس جي ڪيسن کي بوگس قرار ڏيڻ جي جاچ رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي ۽ رپورٽ جي بنياد تي ڪيسن کي ٻي ڪلاس ڪرڻ جي استدعا ڪئي جنهن تي عدالت پاران ڪيسن کي بي ڪلاس ڪيو ويو هن چيو ته اڳوڻي ايس ايڇ او سنڌڙي پٽيشن ۾ داعويٰ ڪئي آهي ته ڊاڪٽر شاهنواز تي پوليس مقابلي ۽ هٿيار هٿ اچڻ وارا ڪيس صحيح داخل ڪيا ويا هئا ان جي جاچ صحيح نه ٿيڻ سبب بي ڪلاس ڪيا ويا آهن.
-
ڪراچي ۾ جلد اچڻ جي دعويٰ ڪندڙ ٽي ٽي پي جو اهم ڪارندو گرفتار
ڪراچي(رپورٽر) سوشل ميڊيا تي ٻٽاڪ هڻندڙ ٽي ٽي پي جو اهم ڪارڪن گرفتار ڪيو ويو آهي. ڪاؤنٽر ٽيررازم ڊپارٽمنٽ (سي ٽي ڊي) جي انٽيليجنس وِنگ ڪراچي ۾ تاج ڪمپليڪس جي ويجهو ڪارروائي ڪندي بندش پيل تنظيم فتنہ الخوارج جي اهم ڪارندي خليل الرحمان کي گرفتار ڪري ڇڏيو آهي. سي ٽي ڊي جي انچارج راجا عمر خطاب مطابق جوابدار کان هٿيار به هٿ ڪيو ويو آهي. سي ٽي ڊي عملدارن جو چوڻ آهي ته گرفتار ٿيل جوابدار جو تعلق نور ولي اللہ گروپ سان آهي ۽ هو افغانستان ۾ دهشت گردي جي تربيت حاصل ڪري چڪو آهي. هن گذريل سال مزارِ قائد سميت ڪراچي جي مختلف علائقن جون ويڊيو بڻائي افغانستان موڪليون ۽ سوشل ميڊيا تي وائرل ڪندي اهو ڌمڪيون ڏنيون ته "اسان ڪراچي اچي چڪا آهيون”.سي ٽي ڊي وڌيڪ انڪشاف ڪيو آهي ته ملزم هڪ پرچي تي "Karachi Coming Soon” لکي ان کي به وائرل ڪيو هو. ان کان علاوه، ملزم ڪراچي جي علائقي ڊفينس ۾ ڪالعدم تنظيم فتنه الخوارج (ٽي ٽي پي) جي چاڪنگ ۾ پڻ ملوث هو. راجا عمر خطاب مطابق، ملزم کي انٽيليجنس معلومات، ٽيڪنيڪل شواهد ۽ سي سي ٽي وي فوٽيچ جي مدد سان گرفتار ڪيو ويو آهي.
-
حيدرآباد ۾ جوابدار عورت جو ڳلو ڪپي ڇڏيو،حالت نازڪ
حيدرآباد (رپورٽر) حيدرآباد ۾ ھڪ جوابدار عورت جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويو، ايئرپورٽ پوليس چيڪ پوسٽ جي حد لطيف آباد يارنھن نمبر جي مھر علي ڪالوني ۾ ھڪ جوابدار گھر ۾ گھڙي 35 سالن جي شھناز زال محمد يوسف ڀٽي جي ڳچي تي تيز ڌار اوزار سان وار ڪري فرار ٿي ويو، واقعي بعد پاڙيسرين جي اطلاع تي پوليس پھچي زخمي عورت کي کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو جتي ھن جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وئي، واقعي بابت پوليس جو چوڻ ھو ته ابتدائي جاچ ۾ ٻڌايو ويو ته واقعو ذاتي رنجش تان پيش آيو آھي، مسواڙي گھر ۾ رھندڙ زخمي عورت جو مڙس مزدور آھي جيڪو ڪم تي ويو ھو ۽ ھن جون ٻه نياڻيون اسڪول ويل ھيون، واقعي وقت عورت گھر ۾ اڪيلي ھئي ان دوران جوابدار گھر ۾ داخل ٿي عورت جو ڳلو ڪپي فرار ٿي ويو، پوليس موجب جوابدار جي ڳولھا ڪئي پئي وڃي.17