اسلام آباد(م ڊ) ملڪ ۾ پاڻي جي کوٽ وڌي وئي آهي، سنڌو درياهه ۾ پاڻي جي سطح 50 سيڪڙو کان گهٽ ٿي وئي آهي، جنهن سبب فصلن کي نقصان پهچڻ جو خدشو آهي، اهڙي طرح تربيلا ۽ منگلا ڊيمز تي پاڻي جي سطح ڊيڊ ليول تي پهچي وئي آهي، تربيلا ڊيم جو موجوده ليول 1404 فوٽ آهي جڏهن ته 1402 فوٽ ڊيڊ ليول آهي، 9 پيداواري يونٽ بند ٿيڻ سبب 8 پيداوار يونٽن مان صرف 499 ميگاواٽ بجلي حاصل ٿي رهي آهي.