امن بابت مودي جو بيان گمراهه ڪندڙ آهي: پاڪستان

اسلام آباد(م ڊ) پرڏيهي ترجمان شفقت علي خان ڪشمير بابت ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي بيان کي گمراهه ڪن قرار ڏيندي چيو ته ڀارت جو مظلوميت جو فرضي بيانيو پاڪستان جي سرزمين تي دهشتگردي کي هٿي ڏيڻ ۽ والاريل ڪشمير ۾ ٿيندڙ مظالم کي لڪائڻ ۾ ڪامياب نٿو ٿي سگهي، آمريڪي پوڊ ڪاسٽر ليڪس فريڊمين سان پوڊ ڪاسٽ دوران ڀارتي وزيراعظم جي بيان بابت ميڊيا جي سوالن جو جواب ڏيندي پرڏيهي ترجمان چيو ته مودي جو ڪشمير بابت بيان گمراهه ڪندڙ ۽ هڪ طرفو آهي، ڀارت کو ٻين ملڪن تي الزام هڻڻ بدران ٻاهرين ملڪن ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ، تخريبڪاري ۽ دهشتگردي جي پنهنجن رڪارڊ تي غور ڪرڻ گهرجي، ڀارت کان نڪتل پاڪستان مخالف بيانيا ٻه طرفي ماحول کي خراب ڪن ٿا ۽ اهي بيان امن ۽ سهڪار وارن امڪان کي متاثر ڪن ٿا، اهو سلسلو بند ڪرڻ گهرجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.