نئين دهلي(م ڊ) ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي چيو آهي ته پاڪستان پاران انڊيا کي امن آڻڻ جي هر ڪوشش جو جواب جارحيت ۽ دوکي سان ڏنو ويو،مان جڏهن وزيراعظم بڻيس ته مان خاص طور تي لاهور امن جي ڳولا ۾ ويو هئس،مون پاڪستان کي پنهنجي حلف برداري تقريب تي خاص طور تي گهرايو هو ته جيئن اسان نئون صفحو اٿلائي سگهون، هن چيو ته اسان اهو چاهيون ٿا ته انهن کي عقل اچي ۽ امن جو رستو ڳولين مون کي محسوس ٿئي ٿو ته پاڪستان ۾ رهندڙ به امن چاهين ٿا ڇو ته اهي به تڪرارن ۽ بدامني ۾ زندهه رهي رهي تنگ اچي چڪا هوندا،هن چيو ته دنيا ۾ جتي به دهشت گردي ٿئي ٿي ان جو پيرو ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان پاڪستان مان ئي نڪري ٿو،اساما بن لادن کي آخر ڪٿان پڪڙيو ويو هو؟ اڄ اهو بدامني جو مرڪز بڻجي چڪو آهي، هن چيو ته تازو پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ ڪرڪيٽ مقابلو ٿيو هو جنهن جو نتيجو توهان کي ٻڌائيندو ته ڪهڙي ٽيم بهتر آهي،اسان جنهن رستي جو انتظار ڪري رهيا آهيون اهو ڪشمير جي چوري ٿيل حصي جي واپسي آهي،جيڪو غيرقانوني طور پاڪستان جي قبضي ۾ اهي،جڏهن ايئن ٿي ويندو ته مان توهان کي يقين ڏياريان ٿو ته ڪشمير مسئلو حل ٿي ويندو