ڪوئيٽا(م ڊ)بلوچستان نيشنل پارٽي جي مرڪزي پڌرائي مطابق پارٽي قائد سردار اختر جان مينگل کي قومي سلامتي جي پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ دعوت ڏني وئي جنهن تي هن انڪار ڪندي موقف اختيار ڪيو ته مان پارليامينٽ جو حصو ناهيان،استعيفيٰ ڏئي چڪو آهيان، هن چيو ته عدليه ۽ پارليامينٽ جا فيصلا ”اهي“ ڪندا آهن ۽ ڪارنهن سياستدانن تي مڙهي ڇڏيندا آهن،پارلياماني ڪميٽي جي اجلاس ۾ ويندڙ پنهنجي منهن تي ڪارپ ملي ڇڏيندا