لاهور (ويب ڊيسڪ) نيشنل ٽي ٽوئنٽي ڪپ جي ٽريننگ دوران فاٽا ريجن جو رانديگر آصف آفريدي اک تي بال لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي) موجب، اسپنر آصف آفريدي کي قذافي اسٽيڊيم ۾ ٽريننگ دوران ساڄي اک تي بال لڳو، جنهن بعد کيس اسپتال منتقل ڪيو ويو، ايڪسري رپورٽ ۾ سندس هڏي ٽٽڻ جي تصديق ٿي.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته انجري سبب آصف آفريدي نيشنل ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي ويو آهي.
پي سي بي ميڊيڪل ڊپارٽمينٽ سندس مانيٽرنگ جاري رکندو، جڏهن ته پي سي بي ميڊيڪل پينل اکين جي ماهر سان گڏ سندس ري هيب کي ترتيب ڏيندو
پي سي بي موجب، لاهور قلندرز ۾ شامل آصف آفريدي پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) مان به ٻاهر ٿيڻ جو امڪان آهي.
لاهور قلندرز جي سي او او ثمين رانا ۽ فخر زمان اسپتال ۾ آصف آفريدي سان ملاقات ڪري سندس خير عافيت معلوم ڪئي.
ذريعن موجب، سڀاڻي صبح 7 وڳي آصف آفريدي جي اک جو آپريشن ڪيو ويندو، جڏهن ته سوڄ سبب کيس في الحال ساڄي اک سان ڏسڻ ۾ مشڪل پيش اچي رهي آهي.
You might also like