ڄامشورو (ڊ ر) ڄامشورو ۾ جساف پاران سنڌو کي رتن جا ڏيئا ٻاري ڀيٽا ڏئي غيرقانوني ڪئنال ٺاهڻ خلاف احتجاج رڪارڊ ڪرايو ويو، درياھن جي عالمي ڏينهن جي مناسبت سان جيئي سنڌ اسٽوڊنٽس فيڊريشن (جساف) ڊويزن حيدرآباد طرفان سنڌو درياءَ تي المنظر وٽ ڊائون اسٽريم ۾ رت جا ڏيئا ٻاري گل نڇاور ڪري قومي تراني سان ڀيٽا پيش ڪئي وئي، ان موقعي تي شهزادو چانڊيو، ثقلين سنڌي، صوفي ثناء الله، اختيار جسڪاڻي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي المنظر ڄامشورو وٽ پهچي سنڌو کي گلن جي ڀيٽا ڏئي رت جا ڏيئا ٻاري سنڌو سان نيهن نڀائڻ جو وچن ورجايو، ان موقعي تي جساف جي ڪارڪنن ۽ اڳواڻن قومي گيت ڳائي سنڌو کي ارپنا ڏيندي چيو ته سامراجي قوتون اسان ڪروڙين سنڌين جي ساھه سنڌو جي پاڻي تي ڌاڙو هڻي پاڻي چوري ڪرڻ جي ڪوشش ڪن ٿا پر ڪروڙين سنڌي سنڌو جا محافظ آھن هي جدوجهد سنڌ جي ماڻهن جي تاريخي جدوجهد آھي اسان پنهنجي سنڌو کي رت جي ڏيئن سان ڀيٽا ڏئي اهو وچن ڪيون ٿا ته سنڌو تي ڌاڙي چولستان ڪينال سوڌو غيرقانوني ڪئنال برادشت نه ڪنداسين ارسا سنڌ کي پنهنجو پاڻي ڏي ڪروڙين سنڌين جي هن تاريخي جدوجهد ۽ احتجاج کي نظر انداز ڪيو ته ان جا ڀيانڪ نتيجا سامهون ايندا انهي لاءِ اسان جو سادو مطالبو آھي ته سنڌو تي ڌاڙو هڻڻ بند ڪيو وڃي، جساف جي سمورن احتجاج ڪندڙن رت جو عطيو ڏئي ڏيئا ٻاري پنهنجي سنڌو سان محبت جو اظهار ڪيو.