”هاڻي متان ٻيهر موقعو نه ملي“ڪوهلي مستقبل بابت اهم بيان ڏئي ڇڏيو

بئنگلورو (ويب ڊيسڪ) اڳوڻي ڀارتي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي چيو آهي ته هاڻي وري آسٽريلوي سرزمين تي نه کيڏي سگهندو.
انڊين پريميئر ليگ (آءِ پي ايل) 2025 شروع ٿيڻ کان اڳ پنهنجي ٽيم رائل چئلنجرز بئنگلورو ( آر سي بي ) جي ڪئمپ کي جوائن ڪري ورتو.
آءِ پي ايل جي تاريخ ۾ 3 ڀيرا رنر اپ رهندڙ آر سي بي ميگا ايونٽ جي 18 هين ايڊيشن ۾ پنهنجي پهرين ميچ دفاعي چيمپيئن ڪولڪتا نائيٽ رائيڊرز خلاف 22 مارچ تي کيڏندي.
بئنگلورو پهچڻ کانپوءِ ويرات ٽيم طرفان منعقد تقريبن ۾ شرڪت ڪئي.
پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته شايد هاڻي ٻيهر آسٽريليا ۾ کيڏڻ جو موقعو نه ملي، هو پنهنجي ماضيءَ جي ڪارڪردگي مان مطمئن آهي.
واضح رهي ته تازو ڀارت کي آسٽريليا خلاف 1-4 جي شڪست ملي هئي، جتي ويرات ڪوهلي 9 اننگزن ۾ رڳو 190 رنسون ٺاهي سگهيو هو ۽ سندس ايوريج 23.75 رهي.
ان کانسواءِ چيمپيئنز ٽرافي کانپوءِ ويرات ڪوهلي جي رٽائرمينٽ جا افواهه پڻ گردش ڪري رهيا آهن.
ڀارتي ٽيم آسٽريليا خلاف ايندڙ ٽيسٽ سيريز 2027 ۾ شيڊيول آهي، جڏهن ته بارڊر-گواسڪر ٽرافي لاءِ آسٽريليا 2028 ۾ ڀارت جو دورو ڪندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.