راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) خيبر پختونخواهه ۾ سيڪيورٽي فورسز ٻن الڳ الڳ ڪارروائين ۾ 9 خارجين کي ماري ڇڏيو.
آءِ ايس پي آر موجب 14 ۽ 15 مارچ تي ٻن الڳ الڳ ڪارروائين ۾ 9 خارجي ماريا ويا، پهريون آپريشن مهمند ضلعي ۾ ڪيو ويو، جنهن ۾ 7 خارجين کي ماريو ويو.
آءِ ايس پي آر ٻڌايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ ٻه جوان حوالدار محمد زاهد ۽ سپاهي آفتاب علي شاهه شهيد ٿي ويا.
بيان موجب ٻي ڪارروائي ڊيرا اسماعيل خان ۾ ڪئي وئي، جنهن ۾ ٻه خارجي مارجي ويا، سندن قبضي مان هٿيار، گولا ۽ بارود برآمد ڪيو ويو.
You might also like