”ڀارت موٽڻ تي سخت نتيجا ڀوڳڻ جون ڌمڪيون مليون“ ورُن چڪروٿي جا ڇرڪائيندڙ انڪشاف

ڪولڪتا (ويب ڊيسڪ) چيمپيئنز ٽرافي ۾ ڀارت جي ڪاميابي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندڙ اسپنر ورن چڪرورٿي پهريون ڀيرو ماضيءَ ۾ ملندڙ ڌمڪين بابت خاموشي ٽوڙي ڇڏي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ورن چڪرورٿي انڪشاف ڪيو ته 2021 جي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ ۾ خراب ڪارڪردگي کانپوءِ کيس فون تي ڌمڪيون ڏنيون ويون.
هن ٻڌايو ته فون ڪندڙن کيس ڌمڪايو ته هو واپس نه اچي، ماڻهو سندس گهر تائين پهچي ويا ۽ هوائي اڏي تي به پٺيان لڳا، جنهن سبب کيس ڪجهه وقت لاءِ لڪڻو پيو.
ڀارتي اسپنر ان وقت کي پنهنجي زندگي جو ڏکيو ترين دور قرار ڏيندي چيو ته هو ڊپريشن جو شڪار ٿي ويو هو، ۽ کيس لڳندو هو ته هو ماڻهن جي اميدن تي پورو نه لهي سگهيو.
ورن چڪرورٿي ٻڌايو ته چيمپيئنز ٽرافي لاءِ سندس سليڪشن به اوچتو ٿي، جيئن ئي ٽي ٽوئنٽي سيريز کانپوءِ چنائي وڃڻ لاءِ ٽڪيٽ بُڪ ڪرائي ته کيس فون آيو ته هو ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل آهي.
هن چيو ته ڀارتي ٽيم جو حصو بڻجڻ سان اعتماد وڌيو، جنهن جو نتيجو ميدان تي به نظر آيو.
ياد رهي ته ورن چڪرورٿي چيمپيئنز ٽرافي ۾ 9 وڪيٽون حاصل ڪري ڀارت لاءِ ڪامياب ترين بالر رهيو. ياد رهي ته ڀارت فائنل ۾ نيوزيلينڊ کي چئن وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽيون ڀيرو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.