درياهن جي ڏهاڙي تي ايس ٽي پي پاران نون ڪئنالن خلاف احتجاجي ريلي

حيدرآباد (رپورٽر) درياهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) پاران سنڌو درياهه تي نون ڪئنالن خلاف احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. وائيس چيئرمين حيدر شاهاڻي، هوت خان گاڏهي، قادر چنا، ڊاڪٽر احمد نوناري، حيدر ملاح، گوتم چنا ۽ ٻين  جي اڳواڻي ۾ ترقي پسند هائوس قاسم آباد کان ريلي نڪري ڄامشوري المنظر وٽ سنڌو درياهه تي گل نڇاور ڪري درياهه سان عقيدت جو اظهار ڪيو ويو. ان موقعي تي اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه هزارين سالن جي تهذيب جو حصو آهي ۽ ان جا اصل وارث سنڌ جا ماڻهو آهن. ٻئي طرف، سينئر قومپرست اڳواڻ غلام شبير ٿيٻو، ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي سان ملاقات ڪري پارٽي ۾ شموليت جو اعلان ڪيو. ڊاڪٽر قادر مگسي خطاب ڪندي چيو ته سنڌو درياهه سنڌ جي زندگي جو ذريعو آهي، پر وفاقي حڪومت نوان ڪئنال ٺاهي سنڌ کي سڪائڻ چاهي ٿي. هن چيو ته جڏهن سسٽم ۾ واڌو پاڻي ئي ناهي ته پوءِ نوان ڪئنال ٺاهڻ جو مطلب رڳو سنڌ جي پاڻي تي قبضو ڪرڻ آهي. هن ارسا ايڪٽ ۾ ٿيل ترميمن کي غيرقانوني قرار ڏنو ۽ چيو ته پيپلزپارٽي رڳو سنڌ اسيمبلي ۾ قرارداد پاس ڪرائي پاڻ کي آجو نه ٿي ڪري سگهي، پر ان جو فرض آهي ته سنڌ جي ماڻهن کي انصاف ڏيارڻ لاءِ وفاق تي دٻاءُ وجهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.