سکر(رپورٽ:آزاد مهر)سنڌ هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن ۽ ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن سکر پاران سنڌو درياهه مان غيرقانوني ڪئنال ڪڍڻ ۽ ڪارپوريٽ فارمنگ خلاف پرامن احتجاجي ريلي ڪڍي وئي. ريلي ضلعي بار سکر کان شروع ٿي سکر پريس ڪلب کان ٿيندي زيرو پوائنٽ سنڌو درياھ جي مقام تي ختم ٿي ريلي ۾ وڪيلن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. احتجاجي ريلي جي قيادت سينئر وڪيل سپريم ڪورٽ شبير شر، صدر هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن قربان علي ملاڻو، صدر ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن سيد نويد احمد شاهه، جنرل سيڪريٽري هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن آچر خان گبول ۽ جنرل سيڪريٽري ڊسٽرڪٽ بار ايسوسيئيشن سندر خان چاچڙ ڪري رهيا هئا.احتجاج ريلي ۾ شامل وڪيلن جي هٿن ۾ بينر ۽ پلي ڪارڊ کنيل هئا جن مٿان سنڌو درياهه جي پاڻي جي حقن جي تحفظ، پاڻي جي منصفاڻي ورڇ ۽ غير قانوني ڪئنالن جي خاتمي جي حق ۾ نعرا لکيل هئا، احتجاجي ريلي کي خطاب ڪندي وڪيلن جي اڳواڻن چيو ته سنڌ کي ان جي پاڻي جي جائز حقن کان محروم ڪيو پيو وڃي جنهن سبب صوبو سخت پاڻي جي بحران ڏانهن وڌي رهيو آهي، ارسا (انڊس ريور سسٽم اٿارٽي) جي ضابطن ۽ پاڻي جي ورهاست جي معاهدن جي ڀڃڪڙي ٿي رهي آهي جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ پاڻي جي سخت کوٽ، ڏڪار، زراعت ۽ معيشت تي تباهه ڪندڙ اثر پيو آهي، هاءِ ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي صدر قربان علي ملاڻو چيو ته سنڌو درياءَ تي غير قانوني ڪينال ڪڍي سنڌ جي عوام سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي جيڪا ڪنهن به صورت ۾ قبول ناهي. هن وڌيڪ چيو ته اسان هر فورم تي سنڌ جي پاڻي جي حق لاءِ آواز بلند ڪنداسين ۽ ڪنهن به غير قانوني قدم خلاف قانوني ڪارروائي کان پاسو نه ڪنداسين،