”پي ٽي آءِ جعفر ايڪسپريس واقعي تي سياست ڪئي“

اسلام آباد(م ڊ) وفاقي وزيراطلاعات عطا تارڙ چيو آهي ته تحريڪ انصاف جعفر ايڪسپريس واقعي کي پنهنجي سياست چمڪائڻ لاءِ استعمال ڪيو،اهي بي ايل اي ۽ ڀارتي ميڊيا جي زبان ڳولي رهيا هئا،يعني ڀارتي ميڊيا،بي ايل اي ۽ پي ٽي آءِ ان واقعي تي هڪ آواز هئا،هن چيو ته 33 دهشت گردن کي جهنم واصل ڪيو ويو آهي،پاڪ فوج،ايف سي ۽ ايئر فورس دهشت گردن جو مقابلو ڪيو،اسان تمام وڏي سانحي کان بچي وياسين،

محسن نقوي اڄ ڪهڙي ڪنڊ ۾ لڪل آهي؟ جماعت اسلامي

ڪراچي(رپورٽر)جماعت اسلامي سنڌ جي امير ڪاشف سعيد شيخ جعفر ايڪسپريس مٿان دهشتگردن جي بزدلاڻي حملي جي نتيجي ۾ سولين ۽ سيڪورٽي اهلڪارن سميت درجنين ماڻهن جيمارجي وڃڻ توڙي يرغمال بڻائڻ واري واقعي جي سخت مذمت ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته حڪمران ٽولي ۽ سيڪورٽي ادارن پاران ” سڀ ٺيڪ آهي“ واري راڳ باوجود بلوچستان ۽ خيبرپختونخوا اڄ دهشتگردي واري باهه ۾ سڙي رهيا آهن، هن چيو ته  ”بلوچستان ۾ دهشتگردن جي خاتمي لاءِ هڪ ايس ايڇ او ڪافي آهي“ جي دعوى ڪندڙ محسن نقوي اڄ ڪهڙي ڪنڊ ۾ لڪل آهي؟ ڪي پي ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي توڙي سنڌ ۾ ڌاڙيل راڄ جو جن بي قابو ۽ هر روز عام شهري توڙي سيڪورٽي ادارن جا اهلڪار مارجي رهيا آهن،

دهشتگرد بزدلاڻين ڪاررواين سان امن خراب نٿا ڪري سگهن: نواز شريف

لاهور(بيورو+م ڊ) ن ليگ جي صدر ۽ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف بلوچستان ۾ جعفر ايڪسپريس تي حملي ۾ قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي ڏک جو اظهار ڪندي چيو آهي ته دهشتگرد اهڙين بزدلاڻين ڪاررواين سان پاڪستان جي امن کي تباهه نٿا ڪري سگهن، سوشل ميڊيا ويب سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف چيو ته جعفر ايڪسپريس تي دهشتگرد حملي ۾ قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ تي کيس تمام گهڻو ڏک پهتو آهي، هن چيو ته اهڙيون بزدلاڻيون ڪارروايون پاڪستان جي امن امان کي خراب نه ٿيون ڪري سگهن، نواز شريف چيو ته ڏک جي هن گهڙي ۾ منهنجون همدرديون شهيدن جي خاندانن سان آهن، الله تعاليٰ سندن درجات بلند ڪري ۽ زخمين کي جلد صحتيابي عطا فرمائي.

جعفر ايڪسپريس ۾ سوار ماڻهن کي دهشت گردن کان بچايو ويو:طلال چوڌري

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ) مملڪتي وزير طلال چوڌري چيو آهي ته جعفر ايڪسپريس ۾ سوار ماڻهن کي دهشتگردن کان بچايو ويو آهي، يرغمالين کي بچائڻ لاءِ آپريشن وڏي احتياط سان ڪيو ويو، دهشتگردن خلاف آپريشن مڪمل ڪيو ويو، طلال چوڌري چيو ته جعفر ايڪسپريس تي 70 کان 80 دهشتگردن حملو ڪيو، هن چيو ته ٽرين ۾ سرڪاري اهلڪار به هئا، عورتن ۽ ٻارن کي دهشتگردن ڍال بڻايو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.