”رياست بلوچ عوام کي عزت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي“

ڪوئيٽا(عوامي آواز نيوز)تجزئي نگارن  جو خيال آهي ته بلوچ لبريشن آرمي (بي ايل اي) جي وڌندڙ طاقت ان حقيقت جي عڪاسي ڪري ٿي ته رياست ان گروپ جي ويڙهاڪن کي ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام ٿي چڪي آهي ۽ اڃا به پراڻين حڪمت عملين تي ڀروسو ڪري رهي آهي، واشنگٽن ڊي سي ۾ بلوچستان جي معاملن جي ماهر ملڪ سراج اڪبر الجزيره سان ڳالهائيندي چيو  ته بي ايل اي پنهنجي حڪمت عملي کي ننڍي پيماني تي حملن  کان بدلائي وڏي پيماني تي ڪاررواين ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي، رياستي فورسز کي بلوچستان ۾ شديد مشڪلات کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي،رياست بلوچ عوام کي عزت ڏيڻ لاءِ تيار ناهي،سياسي تجزيه نگار رفيع الله ڪاڪڙ جو چوڻ آهي ته بي ايل اي پنهنجي ڪمانڊ ڍانچي کي وڌيڪ مضبوط ڪري ڇڏيو آهي، رياست ۽ عوام وچ ۾ ويڇن جو فائدو بلوچ باغين ورتو آهي، ملڪ سراج اڪبر موجب حڪومت کي اهڙن حملن کانپوءِ فوجي آپريشن ضرور ڪرڻ گهرجي پر انهن آپريشنن جو نشانو اڪثر بيگناهه بلوچ ٿيندا آهن، رفيع الله ڪاڪڙ جو خيال آهي ته صورتحال خراب ٿيڻ جو وڏو سبب نه رڳو انٽيليجنس جي ناڪامي آهي پر رياست ۽ بلوچ عوام جي وچ ۾ وڌندڙ فاصلو پڻ آهي،بلوچ ويڙهاڪن هن مان تمام گهڻو فائدو ورتو آهي، جيڪو نوجوانن کي آپگهاتي حملن جهڙن انتهائي قدمن ڏانهن ڌڪي رهيو آهي.

نوٽ : هي تجزيو، روزاني عوامي آواز،  خميس 13 مارچ 2025ع تي شايع ٿيو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.