ڪراچي(رپورٽر) سنڌ حڪومت جي هڪ سال مڪمل ٿيڻ تي وزيراعليٰ هائوس ڪراچي ۾ تقريب ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ وڏي وزير مراد علي شاهه ڪارڪردگي رپورٽ پيش ڪندي چيو ته هن حڪومت جي هڪ سال ۾ جيڪي ڪجهه ڪري سگھياسين، اهو ڪري ڇڏيو آهي، هڪ سال ۾ سنڌ حڪومت ڪيترائي عوامي منصوبا شروع ڪيا آهن، ۽ ڪوشش ڪئي آهي ته گورننس ۾ ڊجيٽلائيزيشن ڪيو وڃي، گذريل سال بلاول ڀٽو سنڌ هاري ڪارڊ جاري ڪيو هو، ان تحت هڪ سال ۾ هڪ لک کان وڌيڪ هارين کي تقريبن 10 ارب رپيا ڏنا ويا آهن، شاگردن لاءِ پيپلز انفارميشن ٽيڪنالاجي پروگرام شروع ڪيو ويو، جنهن مان 3 يونيورسٽين ۾ 11 هزار 71 شاگردن گريجوئيٽ ڪيو، جڏهن ته آئي ٽي ۾ 3 پورٽلز قائم ڪيا آهن، وڏي وزير چيو ته ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سنڌ پيپلز هائوسنگ اسان جو فليگ شپ پروجيڪٽ آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ پڻ ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي، اسان قائداعظم ۽ ذوالفقار علي ڀٽو جي ويزن کي اڳتي وڌائي رهيا آهيون.