ڪراچي (رپورٽر)سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن جا نتيجا هڪ ڀيرو ٻيهر چئلنج ڪيا ويا،6 اميدوارن سنڌ پيلڪ سروس ڪميشن جي نتيجن کي سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چيئلنج ڪري ڇڏيو . عدالت سنڌ حڪومت، سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۽ ميمبر ايس پي ايس سي کي 24مارچ جا نوٽيس جاري ڪري جواب طلب ڪري ورتو آهي، درخواستگذار ڪامران جي وڪيل ملڪ الطاف جاويد چيو ته منهنجو موڪئل لکت ۾ امتحان ۾ ٻئي پوزيشن حاصل ڪئي، من پسند اميدوارن کي ڪامياب قرار ڏيڻ لاءِ درخواستگذار کي انٽرويو ۾ گهٽ مارڪون ڏنيون ويون، جنهن اميدوارن جا لکت ۾ گهٽ نمبر هئا هنن کي انٽرويو ۾ وڌيڪمارڪون ڏئي پاس ڪيو ويو، درخواستگذار جي وڪيل چيو ته سنڌپبلڪ سروس ڪميشن 2023ع جي رولز جي موجب اڪٽريتي اميدوار فيل آهن ،66 سيڪڙو گهٽ وارن کي ڪامياب قرار ڏنو پيو وڃي.