حيدرآباد(رپورٽر) ايوان زراعت سنڌ وفاقي سرڪار کان وفاق جي وحدت کي خطري ۾ وجھندڙ چولستان ڪئنال سميت سمورن ڇھن ئي ڪئنالن جي رٿائن ۽ گرين پاڪستان انيشييٽو پروگرام کي بنا دير ختمڪرڻ جو اعلان ڪري مڪمل طور رد ڪرڻ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، سنڌ سرڪار کي سنڌ دشمن ڪئنالن خلاف سنڌ اسيمبليءَ مان فوري ٺھراء پاس ڪري سنڌ جي عوام جي آواز سان گڏ بيھڻ جي اپيل ڪري ڇڏي. ان سلسلي ۾ ايوان زراعت سنڌ جي مرڪزي صدر سيد زين العابدين شاھ ايوان زراعت سنڌ جي ھيڊڪوارٽر حيدرآباد مان پنھنجي جاري ڪيل پريس بيان ۾ چيو آھي ته سنڌو درياھ سنڌ جي ھزارين سالن جي تاريخ، تھذيب، وجود، بقا ۽ جيئاپي جو ذريعو آھي. سنڌ جا 5 ڪروڙ ماڻھو سنڌو درياھ تي چولستان ڪئنال سميت سمورن ڇھن ئي ڪئنالن کي پنھنجي وجود جي بقا لاءِسنگين خطرو سمجھن ٿا. ھن وڌيڪ چيو ته سنڌ جو عوام ان وقت تائين روڊن رستن تي سراپا احتجاج بڻيل رھندو جيستائين سنڌو درياھ تي چولستان ڪئنال سميت سمورن ڇھن ئي ڪئنالن جي رٿائن کي رد ڪرڻ جو وفاقي سرڪار نوٽيفڪيشن جاري نه ڪندي. ھن چيو ته سنڌ جي ماڻھن ۾ ھن وقت سخت بيچينيءَ واري صورتحال پکڙيل آھي. ڇو ته سنڌ جا ماڻھو سمجهن ٿا ته جيڪڏھن سنڌو درياھ تي چولستان سميت سمورا ڪئنال ٺھي ويا ته پوءِ سنڌ مڪمل طور تي بنجر بڻجي ويندي. ھن وڌيڪ چيو ته پاڻي جي آڊٽ ڪرائي وڃي ته ملڪ ۾ پاڻي ڪيترو آھي. جڏھن سسٽم ۾ ايترو پاڻي موجود ناھي ته پوءِ سنڌو درياھ تي نوان ڪئنال ٺاھڻ جو ڪھڙو مقصد آھي.