عمرڪوٽ ۾ روڊ ٺهڻ کان اڳ ٽول ٽيڪس اوڳاڙي ۽ ڪرپشن جي جاچ جو حڪم

اسلام آباد(م ڊ) مواصلات بابت سينيٽ جي اسٽينڊنگ ڪميٽي ۾ روڊ ۽ ٽول پلازہ جي تعمير دوران ئي گاڏين کان ٽول ٽيڪس وصول ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. جنهن تي نيشنل هاءِ وي اٿارٽي (اين ايڇ اي) کي ٿرڊ پارٽي کان آڊٽ ڪرائڻ جي هدايت ڪندي 15 ڏينهن ۾ رپورٽ طلب ڪئي وئي، اجلاس دوران عمرڪوٽ جي روڊ جي تعمير مڪمل نه ٿيڻ باوجود ٽيڪس اوڳاڙي خلاف سينيٽر پونجو مل ڀيل جي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي بحث ٿيو، پونجو مل چيو ته 17 ڪلو ميٽر جو روڊ 4 سال ۾ مڪمل نه ٿي سگهيو، جيتوڻيڪ اهو روڊ 6 مهينن ۾ مڪمل ٿي وڃڻ گهرجي ها، هن چيو ته جڏهن اسٽي آيو ته حڪومت ٿرڪول لاءِ ٻيا رستا ٺاهيا ته هي روڊ ڪرپشن جو ڳڙهه بڻجي ويو آهي، اين ايڇ اي پراڻين پلين تي روڊ ٺاهي ڇڏيو آهي، جيڪڏهن روڊ ويڪرو ٿيو آهي ته پوءِ پراڻيون پُلون ڪيئن استعمال ٿي سگهن ٿيون؟ ان تي اين ايڇ اي جي عملدارن ڪميٽي کي پڪ ڏياري ته جتي ڪرپشن ٿي آهي، اتي ڪارروائي ڪئي ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.