سيوهڻ ۾ زميني تڪرار تان جوابدارن جو اسڪول تي حملو،فائرنگ، خوف

سيوھڻ(رپورٽ:خالد ميمڻ) رند برادري سيوھڻ جي ھٿياربندن گذريل ڏينهن زمين جي تڪرار تان گورنمينٽ بوائز ھاءِ اسڪول سيوھڻ جي استاد پير محمد رند کي جاني نقصان پھچائڻ لاءِ ھاءِ اسڪول تي حملو ڪري ڏنو  موٽرسائيڪل سوار جوابدارن اسڪول ۾ داخل ٿي فائرنگ ڪري اسڪول جي آفيس جو دروازو ٽوڙي گاڏين کي نقصان پھچايو، اھڙي صورتحال بعد ھاءِ اسڪول جي ٽارگيٽ بڻايل ايڇ ايس ٽي پير محمد رند آفيس جو دروازو بند ڪري پنهنجي حياتي بچائي ورتي، جڏهن ته استادن جي گڏ ٿيڻ تي ھٿياربند فرار ٿي ويا، ھوڏانھن اسڪول تي حملي واري واقعي خلاف استادن پاران احتجاجي مظاهرو ڪري سخت نعريبازي ڪئي وئي،  متاثر استادن پير محمد رند، عرفان ڪوريجو،  غلام حيدر ڪڇار، يار محمد ساکڙو ۽ ٻين چيو ته ذاتي تڪرار تان تعليمي اداري تي حملو ڪرڻ سٺو عمل نه آهي، حملي ۾ ملوث جوابدارن کي گرفتار ڪري عبرتناڪ سزا ڏني وڃي، هوڏانهن وڏي وزير مراد علي شاهه معاملي جو نوٽيس وٺندي ايس ايس پي ڄامشورو کان مامري جي رپورٽ طلب ڪئي ورتي آهي. جڏهن ته واقعي جو ڪيس متاثر استاد پير محمد رند جي فرياد تي 12 جوابدارن خلاف سيوھڻ ٿاڻي تي دھشتگردي جي قلمن تحت داخل ڪيو ويو آهي،پوليس ڪارروائي ڪندي 4 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.