تعليمي ادارن جي ڊيلي ويجز ملازمن لاءِ سٺي خبر

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وفاقي سرڪاري تعليمي ادارن جي ڊيلي ويجز ملازمن لاءِ سٺي خبر اچي وئي، سندن مستقلي جي معاملي تي وزيراعظم ڪميٽي جوڙي ڇڏي آهي.
وزيراعظم شهباز شريف وفاقي سرڪاري تعليمي ادارن جي ڊيلي ويجز ملازمن کي مستقل ڪرڻ جي معاملي تي ڪميٽي جوڙي ڇڏي.
ذريعن موجب تعليم واري وزارت طرفان سمري موڪلڻ تي ڪميٽي جوڙي وئي آهي، هن وقت گريڊ هڪ کان 14 جو نان ٽيچنگ اسٽاف گذريل ڪيترن ئي سالن کان ڪم ڪري رهيو آهي، جڏهن ته گريڊ 16 ۽ 17 جا استاد به مستقلي جا منتظر آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.