ڪڏهن به نه چاهيندس ته پٽ پاڪستان طرفان کيڏي: عمر اڪمل

لاهور (ويب ڊيسڪ) جارحاڻي بيٽر عمر اڪمل چيو آهي ته مان ڪڏهن به نه چاهيندس به پٽ پاڪستان طرفان ڪرڪيٽ کيڏي.
هڪ نجي ٽي وي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي عمر اڪمل چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ پنهنجي رانديگرن کي عزت نٿو ڏئي، منهنجي پٽ کي ڪرڪيٽ کيڏڻ جو شوق آهي پر نه چاهيندس ته هو پاڪستان ٽيم ۾ کيڏي.
هن چيو ته منهنجي پروفيشنل ڪرڪيٽ کي ضايع ڪيو ويو، نٿو چاهيان ته پٽ اهڙي تڪليف مان گذري.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.