عيد تي 4 ڏينهن موڪل جو اعلان

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي عرب جي افرادي قوت واري وزارت نجي ۽ غير منافعي بخش ادارن لاءِ عيدالفطر جي موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سڄي دنيا ۾ رمضان المبارڪ مهينو جاري آهي ۽ ان جو هڪ ڏهاڪو مڪمل ٿي چڪو آهي، ٻين ملڪن جيان سعودي عرب ۾ به مسلمان روزا رکڻ سان گڏ عيد جون تياريون ڪري رهيا آهن.
سعودي عرب ۾ عيدالفطر امڪاني طور 30 يا 31 مارچ تي ٿيندي، جنهن جو فيصلو چنڊ ڏسي ڪيو ويندو پر افرادي قوت واري وزارت ملڪ جي نجي ۽ غير منافعي بخش ادارن لاءِ موڪلن جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.
وزارت عيد تي 4 موڪلن جو اعلان ڪيو آهي، اهي موڪلون 30 مارچ کان 2 اپريل تائين هونديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.