سنڌوءَ تي ڌاڙو:جماعت اسلامي علماءِ مشائخ ڪنوينشن سڏائي ورتو

ڪراچي( رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ طرفان سنڌوءُ تي ڌاڙي خلاف ڇنڇر ڏھاڙي 15 مارچ تي ڪراچيءَ ۾ علماءَ و مشائخ ڪنوينشن  سڏائي ورتو آهي، جمعيت اتحاد العلماءَ و مشائخ جي سري هيٺ قباء آڊيٽوريم ۾ رٿيل علما مشائخ ”پاڻي ڪانفرنس“ جي صدارت جماعت اسلامي سنڌ جو امير ڪاشف سعيد شيخ ڪندو جڏهن ته ڪراچي کان ڪشمور مختلف مڪاتب فڪر جا جيد عالم سڳورا شرڪت ۽ تڪراري ڪئنال ڪڍڻ تي قرآن ۽ سنت جي روشنيءَ ۾ پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندا. هوڏانهن صوبائي صدر اتحاد العلماءُ حافظ نصرالله چنا جي قيادت ۾ هڪ وفد جي نامياري عالمن مُفتي منيب الرحمان، علامه محمد سلفي، جامعه امجديه جي مولانا ريحان احمد سميت ڪيترن ئي عالمن کي پاڻي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. ان موقعي تي حافظ نصرالله چنا چيو ته سنڌوءَ مان نوان ڪئنال ڪڍڻ وارو مسئلو اسان جي زندگي ۽ موت جو مسئلو بڻجي ويو آهي علامه حزب الله جکرو ۽ مولانا عبدالوحيد اخواني پڻ وفد ۾ شامل ھئا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.