حيدرآباد(رپورٽر) يوٿ ايڪشن ڪميٽيءَ جي اڳواڻ سنڌو نواز گھانگھرو صدر آصف زرداري جي خطاب تي ردعمل جو اظهار ڪندي چيو آھي ڪينالن خلاف سنڌي عوام جي ٻڌي ۽ مزاحمت ڏسي، آصف زرداري ۽ ان جي پارٽي ۾ شامل سردارن، جاگيردارن هاڻي پلٽو کاڌو آهي پر سنڌ جو عوام ڪينالن جي مڪمل خاتمي تائين پنھنجي جدوجھد جاري رکندو ھن چيو ته وفاقي حڪومت ۽ ان جون اتحادي جماعتون ۽ اسٽيبلشمينٽ ھڪ پيج تي آھن ھو سنڌو درياءَ جو رخ موڙڻ گھرن ٿا ۽ سنڌ جو عوام پنھنجو درياهه بچائيندو