تڪراري ڪئنال منصوبو، صدر زرداري جو خطاب ۽ ڪجهه سوال

تحرير: سڪندر چنو

سنڌ ۾ غير قانوني چولستاني ڪينالن خلاف حالتون ڏينهون ڏينهن خرابيءَ طرف تيزي سان وڌي رهيون آهن. سنڌ ۾ حالتون اهڙيون ته پيدا ٿي ويون آهن جو پنهنجو پاڻ کي فقيرن ۾ شمار ڪرڻو پئجي رهيو آهي. اهڙي ته حساسيت نمودار ٿي رهي آهي جو پاڻ کي سمجهه ۾ ئي ڪونه ٿو اچي ته آخرڪار ڇا ڪرڻ گهرجي؟ جيڪڏهن پنهنجي بنيادي حقن خلاف آواز اٿاريو وڃي ٿو ته پوءِ ڳالهه پسٽل تائين وڃي پهچي ٿي. ان صورت ۾ ڇا ڪجي؟ نڙيءَ تي رکيل لت سبب ساهه به ٻوساٽجي رهيو آهي. ڦٿڪڻ تي به بندش جان ڇڏائڻ جي ڪوشش ڪجي يا اڳئين جهان کي ڏسڻ جي تمنا ڪندي ڪلمو کڻي پڙهي ڇڏجي. ڪجي ته ڪجي ڇا؟ اڄ ڪلهه دوست 26 ويهن آئيني ترميمن تي نوحاخواني ڪري رهيا آهن هتي ته جنازا ايترا ته نڪري چڪا آهن جو 26 ويهن آئيني ترميمون ڪابه معنيٰ ڪونه ٿيون رکن ڇا اسان جي نصيبن ۾ سڀ ڪجهه اهيو آهي جيڪو اسان سان ٿي رهيو آهي؟ اسين سنڌ واسي ٿي التجا صرف صدر پاڪستان آصف علي زرداري کي ئي ڪري سگهون ٿا. ٻيو ڪوبه آپشن آهي ئي ڪونه.

سنڌ ۾ ڪينالن جي منظوري کان پوءِ سنڌ سراپا احتجاج آهي هن احتجاجن ۾ قوم پرستن کان هٽي ڪري سنڌ جو ٻچو ٻچو، شاگرد، سماجي تنظيمون، پي پي، جي ڊي اي، پي ٽي آئي، ايم ڪيو ايم، فنڪار، هاري ناري، پ پ شهيد ڀٽو، ان کان به مٿانهون ٿيندي ڪاري ڪوٽ وارا يعني وڪيل به پوري سنڌ ۾ احتجاج شروع ڪري ڏنا آهن ۽ هاڻي ته وڪيلن جي تحريڪ پنجاب سنڌ دنگ کي بند ڪرڻ به وڃي رهي آهي. واپڊا جو چيئرمين جنرل (ر) مزمل خان چوي ٿو ته ڪينالن جي اجازت صدر پاڪستان آصف زرداري ڏني آهي ان جا منٽس به موجود آهن ۽ چوي ٿو ته ايڪنڪ جي اجلاس ۾ خود وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه به موجود هو جنهن ڪوبه اعتراض نه ڪيو. پر اسين سمجهون ٿا ته واپڊا چيئرمين اهيو سڀ ڪجهه سنڌين جي اندر ۾ پي پي خلاف نفرت پيدا ڪري بيان ڏيئي رهيو آهي. هاڻي سوال اهيو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا صدر زرداري بنگلاديش جو آ؟ يا افغانستان جو؟ صدر آصف زرداري هڪ وڏو زميندار ۽ جاگيردار آهي سندس ۽ سندس خاندان جون هزارين ايڪڙ زمينون سنڌ ۾ آهن ۽ ان زمينن کي سنڌو درياهه ئي سيراب ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن پاڻيءَ جي کوٽ پيدا ٿئي ٿي ته پوءِ ڇا زرداري جون زميون راوي، چناب يا ستلج دريائن مان پاڻي آڻي آباد ڪيون وينديون؟ پاڻيءَ جي کوٽ سنڌ ۾ رهندڙ هر آبادگار، توڙي سردارن ۽ جاگيردارن جون زميون غير آباد ٿينديون سنڌ ۾ صرف پ پ مخالفن جون زميون ناهن.

بهرحال واپڊا چيئرمين ڪينالن جو سڄو گند پي پي تي اڇلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي. جيڪڏهن ڪينالن جي اجازت صدر ڏني آهي ته انهن منٽس کي عوام آڏو سامهون ڇو نه ٿو آندو وڃي؟ جيڪڏهن زرداري اجازت ڏيئي ها ته پوءِ ڪينالن خلاف سنڌ ۾ پي پي ڇو سراپا احتجاج ڪري رهي هئي ها؟ ڪجهه ماڻهو چون ٿا ته سنڌ جي عوام کي خوش ڪرڻ لاءِ پ پ ٻٽو معيار سبب احتجاج ڪري رهي آهي. اسين ڄاڻون ٿا ته پ پ ڪالا باغ جيان ڪينالن جو به رستو روڪيندي. چولستان پنجاب جوڙيو آهي ۽ چولستان سنڌ جي ٿرپارڪر جيان وارياسو ۽ بنجر زمين تي ٻڌل لکين ايڪڙن جو علائقو آهي. چولستان ۾ ڪارپوريٽ فارمنگ هڪ وڏو منصوبو آهي جيڪو فوج جي حمايت يافته “سائو سبز پاڪستان انسٽيٽيٽو يعني Green Pakistan Initiative (GPI) آهي. ۽ هي گرين اسڪيم آهي. جيڪا پاڪستان جي زرعي منظر نامي ۾ هڪ وڏو انقلاب آڻڻ جي صلاحيت رکي ٿي. پر ان پروگرام جي ڪاميابي ان صورت ۾ ٿيندي جڏهن سماجي، اقتصادي ۽ سائنسي لڪيرن جي اندر هجي. جيڪڏهن هن اسڪيم جو غلط استعمال ڪيو ويو ته نه صرف هي ناڪام ٿي ويندي پر ان کي شروع ڪندڙ ملڪ جي معمارن جي ساک کي به وڏو ڌچڪو لڳي سگهي ٿو. جن پاڪستانين لاءِ کٽڻ جي حڪمت عملي جوڙي ذهن ۾ تصور ڪيو آهي.

پر بدقسمتي سان هي قدم اعتراضن جي ور چڙهي رهيو آهي ۽ چولستان کي سرسبز بنائڻ کان اڳ ئي پنهنجي ساک کي مٽيءَ ۾ ملائي رهيو آهي. جنهن سان درياهه سنڌ جي لکين ايڪڙن تي مشتمل سنڌ جي عوام جا خدشا تيز ٿيندي احتجاجن ۾ تبديل ٿي رهيا آهن ۽ سنڌ جي عوام کي ڳڻتي آهي ته 1991 پاڻي ٺاهه معاهدي موجب پاڻي جي ورهاست تي وڏو اثر پوندو. جڏهن ته سنڌ جي عوام جا اهي خدشا درست آهن جيڪي سياسي طور سنڌ ۾ ڏينهون ڏينهن تيزيءَ سان متحرڪ ٿي رهيا آهن. ٿيڻ ته ائين گهربو هو ته پهريان ارسا جو اجلاس ڪوٺائي ان ۾ منصوبي بابت آگاهي ڏني وڃي ها. سنڌ کي اعتماد ۾ ورتو وڃي ها ۽ هڪ گڏيل راضپي سان چولستان منصوبو جوڙيو وڃي ها. پنجاب سان تعلق رکندڙ حڪومتي اڳواڻن جو چوڻ آهي ته ان منصوبي کي شروع ڪرڻ کان اڳ سنڌ جي نمائندن سان صلاح مشورا به ٿيا. ۽ اجلاس ۾ وزيراعليٰ سنڌ به موجود هو. پر هوڏانهن وزيراعليٰ سنڌ سيد مراد علي شاهه چوي ٿو ته آءٌ اجلاس ۾ ڪوڪون رڙيون ڪيون. پر ڪنهن به منهنجي هڪ نه ٻڌي. وزيراعليٰ سنڌ چوڻ موجب سندس اعتراضن کي ٻڌو اڻ ٻڌو ڪيو ويو. يعنيٰ وزيراعليٰ جي ٽيم اقليت ۾ هئي. هاڻي ٿيڻ ائين گهرجي ته چولستان منصوبي جو متبادل ڳولهيو وڃي.

سنڌ جو عوام سوال اهو به ڪري ٿو ته (GPI) پروگرام ۾ سنڌ جي وارياسي ۽ بنجر زمين تي ٻڌل ٿر تي ڌيان ڇو ڪونه ٿو ڏنو وڃي؟ چولستان جي منصوبي کي جيڪڏهن سنڌ جي راضپي کان سواءِ شروع ڪري مڪمل ڪيو ويو ته پوءِ سنڌ مان هڪ وڏي تحريڪ پيدا ٿي سگهي ٿي ڇاڪاڻ ته سنڌ واحد صوبو آهي جيڪو ٻين صوبن کان وڌيڪ روينيو جي مد ۾ 70 سيڪڙو رقم وفاق کي ڏيئي ٿو. جيڪڏهن سنڌ سڪي ۽ بنجر ٿي ويئي ته پوءِ وفاق وڏي مالي مشڪلاتن جي ڌٻڻ ۾ ڦاسي پوندو. ڇاڪاڻ ته پاڪستان اڳ ئي مالي مشڪلاتن ۾ ڦاٿل آهي. سنڌ جي ٿر کي به GPI ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن ٿر ۾ ٿيندڙ پيداوار بين الاقوامي منڊين ۾ مقابلو ڪري سگهي. گذريل سال چانورن جي ساريالي فصل دوران پاڻي جي ڏاڍي کوٽ هئي ان وقت ته چولستان ڪينال به منصوبو به نه هو. جيڪڏهن هاڻي چولستان منصوبو شروع ٿئي ٿو ته پوءِ سنڌ جو خدائي حافظ آهي. ڪارپوريٽ فارمنگ جي ڪاميابيءَ جو دارومدار يقينن پاڻيءَ تي آهي. پاڻي ئي نه هوندو ته پوءِ هي منصوبو پنهنجي افاديت وڃائي ويهندو. ان ڪري سنڌو درياهه ۾ پاڻي ڀارت جي ندي اڀياس مان اچي ٿو. جيڪڏهن ڀارت پاڻي گهٽ ڇڏي ٿو ته پوءِ سنڌ سموري ۾ ٿر کان وڌيڪ ڏڪر پيدا ٿي ويندو. ۽ سنڌ جو عوام ايٿوپيا جي عوام کان به وڌيڪ غربت واري لڪير تي اچي بيهندو. بدقسمتيءَ سان چولستان منصوبو شروع ٿيڻ کان اڳ ئي پنهنجي ساک وڃائي رهيو آهي. چولستان ڪارپوريٽ جي ڪاميابي سان گڏوگڏ اسان کي خطي جي هائيڊرولاجي، جيولاجي، مورفولاجي، مٽي ۽ آبهوا جي سائنسي حقيقتن کي غور سان سمنجهڻو پوندو. چولستان هڪ آبي ماحول رکندڙ ٿر آهي. جنهن جي سڃاڻپ واريءَ جي دڙن ۽ سخت گرم ترين زمين هوندي آهي. چولستان وارو خطو پاڻياٺي زمين جي زير اثر آهي. جيڪو انسان ۽ جانورن جي استعمال سان گڏوگڏ زراعت لاءِ به هاڃيڪار آهي. ان تي ايڏو وڏو خرچ ڪرڻ ۽ سياسي ناراضگين جو بار کڻڻ اجايو آهي. ڪارپوريٽ ڪاشتڪاري جي لاءِ وڏي پيماني تي زمين مان پاڻي ڪڍڻ ۽ اتان جي رهواسي خاندانن کي الڳ ڪري زمين تان بي دخل ڪرڻ ۽ زمين جي جر کي مٺو ڪرڻ وارو ڪم ناڪام ٿيندو. ان ڪري چولستان منصوبي جي سفارش نه ڪئي وڃي. سنڌو درياهه کان بجاءِ درياهه ستلج مان ڪوشش ڪئي وڃي. پنجاب درياهه راوي جي پاڻي کي 1960 ۾ ڀارت کي وڪڻي ڇڏيو آهي. چولستان ڪينالن جو حشر به راجستان درياهه مان نڪرندڙ ڪينالن جيان ٿيندو.بهرحال چولستان واري منصوبي بابت سوچيو وڃي ائين نه ٿئي جو گرين پاڪستان کي لالچ پاڪستان هاءِ جيڪ ڪري وڃي.

بهرحال ڀري ٻيڙي وچ درياهه جي سير ۾ سفر طئي ڪري رهي آهي جيڪڏهن ڪنهن به ان مان ٽپي ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي ته هو پنهنجو سر ئي وڃائي ويهندو. ان جي ڪري ڀري ٻيڙي ۾ ويٺل سوچي سمجهي درياهه جي ڪپر جي ويجهو ايندڙ ٻيڙيءَ مان ئي ٽپو ڏئي سگهن ٿا. يعني 2028 تائين اها ٻيڙي درياهه جي ڪپر تائين پهچي ويندي ۽ ڀريل ٻيڙي کي ظاهر آ قابل مهاڻو ئي هلائي رهيو آهي جيڪو ڪافي سالن کان وٺي ٻيڙيءَ کي سنڀاليون پيو اچي. ان ڪري في الحال ڀريل ٻيڙيءَ مان ڪوبه پاڻيءَ ۾ ٽپو ڏيڻ جي موڊ ۾ ئي ناهي. هاڻي انهن ماڻهن کي يقينن مايوسي ٿيندي جيڪي سڌيءَ يا اڻ سڌيءَ طرح صدر پاڪستان آصف علي زرداري مٿان الزام تراشي ڪندي چولستان ڪينالن جي منظوري جو الزام هڻي رهيو آهي.

ڪالهه صدر پاڪستان آصف علي زرداري قومي ۽ سينيٽ جي گڏيل اجلاس کي خطاب ڪندي پنهنجي تقرير ۾ چولستان ڪينال ڪڍڻ واري منصوبي کي رد ڪندي وفاق کي صلاح ڏني آهي ته ڪينال ڪڍڻ واري تجويز وفاق فوري طور واپس وٺي. هاڻي سوال اهو ٿو پيدا ٿئي ته ڇا صدر پاڪستان آصف علي زرداري اها تقرير ڪنهن بند ڪمري ۾ ڪئي آهي؟ جنهن جو آواز ڪنهن کي ٻڌڻ ۾ ڪونه آيو؟ اسين چئون ٿا ته هروڀرو ڪنهن تي چٿر نه ڪئي وڃي. پ پ خود سنڌ ۾ ڪينالن خلاف سراپا احتجاج آهي جيڪڏهن زرداري اجازت ڏي ها ته پوءِ اسان سڀني کي پاڪستان پيپلز پارٽي جو اڳواڻ آصف زرداري ئي آهي. ۽ اهو يقينن پنهنجي پارٽي کي سڌي يا اڻ سڌي طرح احتجاجن کان روڪي سگهي پيو. سو پيپلز پارٽي خود چولستان ڪينالن جي مخالف آهي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.