”آصف زرداري ۽ بلاول ڀٽو سنڌ جو پاڻي وڪڻي رهيا آهن“

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) قومي اسيمبلي ۾ مخالف ڌر اڳواڻ عمر ايوب صدر ۽ پيپلز پارٽي تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڪرپشن جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا آهن، آصف زرداري هجي يا بلاول ڀٽو، ٻئي سنڌ جو پاڻي وڪرو ڪرڻ وڃي رهيا آهن.
عمر ايوب پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته آصف زرداري پاڻ کي صدر سڏائي ٿو، پر هو ان انسٽال ٿيل حڪومت کي نه ٿا مڃين، صدر زرداري اڄ ڪا به سٺي ڳالهه نه ڪئي.
مخالف ڌر جي اڳواڻ جو چوڻ هو ته پيپلز پارٽي سنڌ ۾ ڪرپشن جا نوان رڪارڊ قائم ڪيا آهن، جڏهن ته پنجاب ۾ به هڪ مخصوص گروهه ڪرپشن ۾ ملوث آهي.
هن چيو ته موجوده حڪومت مڪمل اقتصادي ناڪامي جو شڪار ٿي چڪي آهي، مهانگائي پنهنجي جاءِ تي بيٺي آهي پر هي جشن ملهائي رهيا آهن ته حالتون بهتر ٿي چڪيون آهن.
هن چيو ته بلوچستان جي مختلف ضلعن ۾ سيڪيورٽي جو ڪو به جوڳو بندوبست نه آهي، غفلت جي نتيجي ۾ فوجي جوان پنهنجي زندگين جا نذرانا پيش ڪري رهيا آهن.
هن الزام هنيو ته پي ٽي آءِ باني ۽ بشريٰ بي بي کي بوگس ڪيسن ۾ ڦاسايو پيو وڃي، جڏهن ته پي ٽي آءِ جا ڪيترائي اڳواڻ ۽ ڪارڪن سياسي قيدين طور جيلن ۾ آهن.
پريس ڪانفرنس دوران پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر چيو ته آصف زرداري اڄ جي تقرير ۾ ثابت نه ڪري سگهيو ته ملڪ ۾ جمهوريت موجود آهي.
سندس چوڻ هو ته زرداري صاحب ايوان ۾ اپوزيشن جي چيمبر وٽان به نه گذريو، هو اڄ به تڪراري صدر آهي.
سينيٽ ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ شبلي فراز جو چوڻ هو ته هن ايوان ۾ جيڪي به قانون پاس ڪيا ويا، انهن جي ڪا به اخلاقي ۽ قانوني حيثيت ناهي، سينيٽ ۾ هڪ پورو صوبو نمائندگي کان محروم آهي.
هن سوال اٿاريو ته جڏهن هڪ صوبي کي نمائندگي ئي حاصل ناهي ته پوءِ چونڊون ڪيئن ٿي سگهن ٿيون ۽ قانون سازي ڪيئن ممڪن آهي؟

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.