سستي ۽ تڪڙي انصاف لاءِ قانوني سڌرا اڻٽر آهن: نواز شريف

لاهور (ويب ڊيسڪ) مسلم ليگ نون جي سربراهه ميان نواز شريف چيو آهي ته سستو ۽ تڪڙو انصاف مهيا ڪرڻ لاءِ قانوني سڌارا اڻٽر آهن.
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ماڊل ٽائون ۾ پارٽي سيڪريٽريٽ ۾ اهم ملاقاتون ڪيون، جتي قانون وارو وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ ۽ ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب امجد جاويد به موجود هئا.
ملاقات دوران ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب امجد پرويز ملڪ عوامي ڀلائي لاءِ تجويز ڪيل قانوني سڌارن تي نواز شريف کي تفصيلي بريفنگ ڏني.
ان کانسواءِ پنجاب لوڪل گورنمينٽ ترميمي بل بابت به ڳالهه ٻولهه ٿي.
پارٽي ذريعن موجب، نواز شريف چيو ته عوام کي هر صورت ۾ انصاف فراهم ڪيو وڃي ۽ سستو ۽ تڪڙو انصاف مهيا ڪرڻ لاءِ قانوني سڌارا اڻٽر آهن، ملاقات کانپوءِ نواز شريف ماڊل ٽائون مان روانو ٿي ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.