پشاور( م ڊ )پشاور ۾ پي ٽي آءِ جي ضلعي سطحي اجلاس ۾ خيبرپختونخواهه ۾ پنهنجي ئي حڪومت جي ڪارڪردگي تي عدم اطمينان جو اظهار ڪيو ويو، پي ٽي آءِ جي ڪجهه ڏينهن اڳ ضلعي سطح تي ٿيل اجلاس جو پڌرنامو جاري ڪيو ويو،جنهن ۾ چيو ويو آهي ته صوبي ۾ پي ٽي آءِ ٽيون ڀيرو حڪومت ۾ آهي پر پشاور اڄ به مسئلن جو شڪار آهي، شهر جي مختلف علائقن ۾ ترقياتي ڪمن ۾ غفلت ڪئي پئي وڃي، جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته سيوريج جو نظام خراب آهي جنهن سبب شهر برساتن کانپوءِ ٻوڏ جو منظر پيش ڪري ٿو، پاڻي ۽ صفائي سٿرائي جي ناقص ڪارڪردگي سبب صفائي جو نظام درهم برهم آهي.