اسلام آباد ( بيورو+ م ڊ)سينيئر سياستدان ۽ اڳوڻي ناڻي واري وزير اسد عمر چيو آهي ته ملڪ ۾ جمهوري نظام غير فعال ٿي چڪو آهي، لڳي ٿو ته آئين تي غيرفعال ٿي ويو آهي، عدم استحڪام جو فائدو رڳو حڪومت کي ٿيندو آهي، بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه جون حالتون سنگين ٿي رهيون آهن، پاڪستان کي آءِ ايم ايف جي ايندڙ قسط ملندي، پر اسان جي معيشت هن وقت جمود جو شڪار آهي، معاشي ترقي نه ٿي رهي آهي، پاڪستان جي سمورين پارٽين جي سربراهن کي گڏجي ڪو رستو ڳولڻو پوندو، اسد عمر چيو ته علي امين گنڊاپور کي مولانا فضل الرحمان بابت بيان نه ڏيڻ گهرجي ها، ملڪ ۾ هن وقت 3 ماڻهو گهرو وزارت هلائي رهيا آهن.
، مان نه ٿو سمجهان ته پرويز خٽڪ عهدو وٺي ڪري خاموش ٿي ويهي رهندو.