دادو/ميھڙ( رپورٽ:غوث جهتيال+فراز چنا)ميھڙ واسڻ سنڌ جي نياڻي ڊاڪٽر ام رباب چانڊيو پاران پنھنجو ويڊيو بيان جاري ڪندي چيو آھي ته سنڌو درياء مان ڪينال ڪڍڻ سنڌ جي زندگي لاءِ خطرو آھي سنڌ اڳ ئي خشڪ حالي جو شڪار آھي،ڪينال ڪڍڻ سان سنڌ جي معيشت ۽ سنڌ جي زراعت کي خطرو آھي،ھن چيو ته گرين پاڪستان جي نالي تي جيڪو منصوبو جوڙيو وڃي پيو اھو سنڌ تي ڌاڙي جي سازش ڪئي وڃي پئي ھن چيو ته خدا نه ڪري اگر سنڌو درياء مان 6 ڪئنال ڪڍيا ويا ته سمجھي ڇڏيو سنڌ جو ڪو به مستقبل نه آھي ھن چيو ته اسين ڪئنال ڪڍڻ واري عمل جي سرعام مخالفت ۽ مذمت ڪيون ٿا ۽ اسين اھڙي فيصلي خلاف احتجاج ڪيون پيا ھن چيو ته سنڌ حڪومت کي گھرجي ته ھو پنھجي فيصلي تي نظرثاني ڪري ۽ فيصلو واپس وٺي ڇو جو سنڌو درياء تي وار سنڌ جا ماڻھو ڪڏھن به برداشت نه ڪندا ھن چيو ته ھن فيصلي خلاف سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آھي حڪومت ڊڄي ان ڏينھن کان ڇو جو ھي ماڻھو حڪومت ڪيرائي به سگھن ٿا ان ڪري ھن فيصلي تي نظرثاني ڪري