رضا رباني پاران پروڊڪشن آرڊر تي عمل نه ڪندڙ آفيسر برطرف ڪرڻ جو مطالبو

اسلام آباد ( بيورو+م ڊ )سينيٽ جي اڳوڻي چيئرمين سينيٽر ميان رضا رباني پروڊڪشن آرڊر تي عمل نه ڪندڙ آفيسرن کي برطرف ڪرڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو، هڪ بيان ۾ ميان رضارباني پي ٽي آءِ سينيٽر اعجاز چوڌري کي پروڊڪشن آرڊر تي پيش نه ٿيڻ تي سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو، هن چيو ته پروڊڪشن آرڊر تي عملدرآمد نه ٿيڻ پارليامينٽ کي ڪمزور ڪرڻ جي سازش آهي،اڳوڻي چيئرمين سينيٽ جو وڌيڪ چوڻ هو ته استحقاق ڪميٽي سينيٽر اعجاز چوڌري جي پروڊڪشن آرڊر تي عمل نه ڪرڻ جي ذميوار آفيسرن کي سزا ڏئي ۽ کين نوڪرين تان به برطرف ڪري، هن چيو ته سينيٽ چيئرمين کي ايوان جي ميمبرن جي گرفتاري بابت آگاهه نه ڪندڙ آفيسرن خلاف توهين پارليامينٽ جي ڪارروائي ڪئي وڃي،رضا رباني اهو به چيو ته پارليامينٽ جي آزادي لاءِ قومي اسيمبلي جي اسپيڪر کي به سينيٽ جي چيئرمين سان گڏ بيهڻ گهرجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.