وڪيلن جو احتجاج اتساهيندڙ آهي: وسند ٿري

حيدرآباد (پ ر) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، ايڊووڪيٽ راحيل ڀٽو ۽ ايڊووڪيٽ خالد تنيو پنھنجي جاري ڪيل گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته سنڌو درياهه تي نون ڪينالن، ڪارپوريٽ زرعي فارمنگ منصوبن ۽ 26هين آئيني ترميم خلاف وڪيلن جو احتجاج اتساهيندڙ آهي. وڪيلن جي احتجاج جي عوامي تحريڪ ڀرپور حمايت ڪري ٿي. سنڌو درياهه سنڌ جي جياپي جو واحد وسيلو آهي. سنڌو درياهه ئي سنڌو تهذيب کي جنم ڏيندڙ آهي. سنڌو درياهه جي تحفظ لاءِ سموري سنڌ پرامن جمهوري جدوجهد ڪندي،هنن چيو ته 26هين آئيني ترميم وسيلي عدالتي نظام کي مفلوج بڻايو ويو آهي. 26هين آئيني ترميم کانپوءِ عدالتون بي وس بڻيل آهن. سنڌ جو عوام پنھنجي تاريخي وجود کي بچائڻ لاءِ روڊن تي نڪري ايندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.