گولاڙچي(رپورٽ:عيدن زيندپور)تعلقي گولاڙچي جي مختلف سياسي سماجي،ادبي تنظيمن، توڙي سول سوسائٽي پاران درياهه تي ڇھ ڪئنال ٺاھڻ سميت تعلقي گولاڙچي جي سامونڊي پٽي جون زمينون گرين پاڪستان منصوبي حوالي ڪرڻ ۽ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ خلاف احتجاجي تحريڪ ھلائڻ لاءِ ھڪ اجلاس گولاڙچي پريس ڪلب ۾ ٿي گذريو جنھن ۾ احتجاجي تحريڪ ھلائڻ لاءِ ڌرتي ۽ درياء بچايو تحريڪ نالي ھڪ غير جماعتي عوامي اتحاد جوڙيو ويو، جنھن کي ھلائڻ لاءِ علي مردان شاھ، ابو نوحاڻي رضا آڪاش خاناڻي، حسن شاھاڻي،غلام رسول جت،ڊاڪٽر لالچند ڀيل،ڊاڪٽر رامچند ڪولھي،جاکرو نوحاڻي، لال بخش چانڍيو،نظير مرزا،نوراحمد جتوئي،خالق راڄو،ملڪ ڪامران،فتح محمد مھيري تي مشتمل ھڪ ورڪنگ ڪميٽي پڻ جوڙي وئي،جڏهن ته ڪئنال ٺاھڻ، احمد راڄي جون زمين گرين پاڪستان منصوبي حوالي ڪرڻ توڙي تعلقي گولاڙچي پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ خلاف دريائن جي عالمي ڏينھن 14 مارچ کان 20 ھين مارچ تائين گولاڙچي جي شھيد راھو چوڪ تي ڪئمپ قائم ڪري احتجاج ڪيو ويندو ، ٻئي طرف سامونڊي پٽي سميت تعلقي گولاڙچي جي 14 يونين ڪائونسلن ۾ پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ، درياء تي ڌاڙي ۽ احمد راڄي جون زمينون گرين پاڪستان منصوبي حوالي ڪرڻ خلاف علي مردان شاھ، ابو نوحاڻي،نورمحمد جتوئي،غلام رسول جت ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاھرو ڪري نعريبازي ڪئي وئي، اڳواڻن چيو ته درياهه تي ڪئنال ٺاھي سنڌ کي تباھ ڪرڻ ڪونه ڏنو ويندو.