کھڙا ۾ بس جي ڇت تي ويٺلن کي 11 هزار وولٽيج تارن مان ڪرنٽ، هڪ فوت، 16 زخمي

کهڙا (رپورٽ: فياض رتڙ) کهڙا ۾ لاهوت نوراني جي ميلي تي ويندڙ بس 11 هزار بجلي جي تارن سان ٽڪرائجي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ 17 ماڻهو سخت زخمي  ٿي پيا، جن کي ڳوٺاڻن پنهنجي مدد پاڻ موٽر سائيڪن ۽ چنگچي رڪشائن تي اسپتال منتقل ڪيو، جتي زخمن جا سور نه سهندي مولا بخش بڙدي فوت ٿي ويو، بس ڳوٺ وڏپڳيا کان لاهوت نوراني تي وڃي رهي هئي ته کهڙا ۾ سخيراڻي لنڪ روڊ تي بس مٿان ويٺل زائرين 11 هزار هاءِ وولٽيج جي بجلي تارن سان ٽڪرائجي ويا، زخمين ۾ عبدالوهاب ولد رضا محمد، سهيل ولد بهادر، ارشد ولد شاهنواز، مشتاق ولد شاهنواز، خادم حسين ولد شهزاد بڙدي، خالد ولد مير حسن جنسار ولد بدر بڙدي، لياقت علي ولد مير حسن، اياز ولد بلاول بڙدي، مير محمد ولد شاھ محمد بڙدي، محمد نديم ولد دادن، اسلام ولد رسول بخش، ولي محمد ولد سونو خان، امير ولد شان، اشفاق ولد ارباب شامل آهن ، جڏهن ته زخمين مان عبدالوهاب، جنسار ۽ محمد نواز جي حالت ڳڻتي جوڳي ٻڌائي پئي وڃي.

، حادثي جا متاثر ڳوٺ دلجان بڙدي جا رهواسي آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.