چولستان ۾ 66 لک ايڪڙ آبادي جي منصوبابندي، سنڌ ۾ سکر کان هيٺ سوڪهڙي جو خدشو

اسلام آباد(امدادسومرو) چولستان ڪينال خلاف سنڌ اندر تمام وڏي تحريڪ هلي رهي آهي ۽ هر هنڌ “تون پنهنجي ريگستان کي آباد ڪرڻ لاءِ منهنجو گلستان ٿو اجاڙين” وارو نعرو لڳي رهيوآهي. جڏهن اسان سوال ڪريون ٿا ته پاڻي ڪٿان ايندو ته جواب ملي ٿو ته ڀاشا جڙي رهيوآهي پر ڀاشا ته تربيلا جو متبادل آهي ۽ ان جي صورتحال به سامهون آهي. هتي انگن اکرن سان صورتحال رکجي ٿي.1960ع  ۾ اسان ستلج بياس ۽ راوي هندستان کي وڪڻي ڏناسين. واپڊا جي رپورٽ مطابق چولستان ۾ 66 لک ايڪڙ زمين کي آباد ڪيو ويندو. راڻا تنوير چوي ٿو ته اسان کي 48 لک ايڪڙ زمين  چولستان جي گرين انيشئيٽو جي تحت آباد ڪرڻي آهي. گريٽر ۽ سمالر چولستان ڪينال ٺهڻا آهن.سمالر ڪينال تي ڪم شروع ٿي ويو آهي شروعات ۾ چولستان فيڊر ٺهي رهيوآهي  ۽ اها 4 لک 55 هزار ايڪڙ زمين کي آباد ڪندو. 7 لک 44 هزار ايڪڙ زمين بروٺ ڪينال وسيلي آباد ڪئي ويندي پورو منصوبو 2سئو 11 ارب روپين جو آهي. ان لاءِ چناب مٿان ٽي ننڍا ڊيم ٺاهيا ويندا. 3.5 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي انهن ۾ ذخيرو ٿيندو تربيلا جي گنجائش 9 ملين ايڪڙ فٽ هي. شاهه جيوڻا،چنيوٽ  سميت ٽي ڊيم ٺهندا.جيڪي جهنگ ، چنيوٽ ۽ سرگوڌا ۾ ٺهندا. موجوده 8 لنڪ ڪينالن جي گنجائش به وڌائي پئي وڃي. رسول آباد، قادر آباد لنڪ ڪينال جي گنجائش 19 هزار آهي ان کي 25 هزار ڪيوسڪ ڪيو پيو وڃي. قادرآباد لنڪ ڪينال جي گنجائش 22 هزار ڪيوسڪ آهي ان کي 25 هزار ڪيو پيو وڃيئ. بلوڪي سليمانڪي لنڪ ڪينال جي گنجائش ساڍا 24 هزار مان وڌائي 28 هزار 7 سئو ڪيوسڪ ڪئي پئي وڃي.انهن لنڪ ڪينالن جي گنجائش وڌائي اهو پاڻي چولستان جي پوراءِ لاءِ استعمال ڪرڻ جو منصوبو آحي. هاڻي جڏهن چيو وڃي ٿو ته چولستان ڪينال ستلج مان پاڻي کڻندو ته پوءِ هنن لنڪ ڪينالن جي گنجائش ڇو پئي وڌائي وڃي؟ انهن جي ري ڊزائن ڇو پئي ٿئي. ستلج ۾ ته ايترو پاڻي ئي ناهي.ستلج جو پاڻي ته انڊيا روڪي وٺندو آهي 35 ورهين بعد ڪو پهريون ڀيرو ان ۾ ٻوڏ جهڙي صورتحال ٿي هئي جڏهن انڊيا پاڻي ڇڏيو هيو.سو اهو چوڻ ته ستلج ۾ ٻوڏ ايندي ته پاڻي کڻبو اهو ممڪن ناهي پاڻي کوٽ ٿيندي ته ٻين ڪينالن مان پاڻي کنيو ويندو.چناب تي ڊيم ٺهندو ته 3.5 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي اتي ئي رڪجي ويندو.جيڪو سنڌو ۾ نه ويندو جهلم تي اڳ ئي ڊيم ٺهيل آهي.سو پاڻي کوٽ ٿيندي ته سنڌ سان گڏ هيٺاهين پنجاب به متاثر ٿيندي.وفاقي سرڪار جي پرڏيهي ماهر کان ڪرايل سروي مطابق انڊس ڊيلٽا لاءِ 8.6 ملين ايڪڙ فٽ پاڻي ڊيلٽا ۾ ڇڏڻ لازمي آهي ٻي صورت ۾ لکين ايڪڙ  لاڙ پٽي جي زمين سمنڊ ڳڙڪائي رهيوآهي ۽ وڌيڪ ڳڙڪائي ويندو.پر 12 سالن دوران گنجائش کان گهٽ پاڻي  به ناهي ويو.سو خدشو آهي ته ان ڪينال بعد سکر تائين به پاڻي نه ويندو.ٻيو ڀاشا واري ڪهاڻي به اتي ئي آهي ان تي ڳالهين باوجود ڪو ڪم شروع ناهي ٿيو.تربيلا جو حشر به سامهون آهي جنهن ۾ 9 ملين ايڪڙ فٽ جي گنجائش هئي پر سلٽ ڀرجڻ سبب هاڻي 5.8 ملين ايڪڙ جي گنجائش بچي آهي.چيو پيو وڃي ته ڪجه عرصي ۾ تربيلا ناڪاره ٿي ويندو. چولستان وارو منصوبو عام منصوبو ناهي جئين سنڌ ۾ بيراج ٺاهي آبادڪاري ڪرائي وئي اها نجي ڪارپوريٽ فارمنگ جو منصوبو آهي جنهن ۾ اربين رپيا لڳل آهن. اهو چوڻ ته جڏهن پاڻي هوندو ته ان کي ڏنو ويندو ائين هرگز نه ٿيندو بلڪ سرمائيدار جيڪو اتي سيڙپ ڪري رهيوآهي . اسان شهري علائقن جي ڀرپاسي واري زمين  هائوسنگ سوسائٽي جي نالي تي تباهه ڪر ي ڇڏي جتي زراعت ٿيندي هئي هاڻي واري کي آباد ڪرڻ جو خواب پيا ڏسون.. سو اتي جيڪي بلين ڊالر خرچ ڪري ڪارپوريٽ فارمنگ ڪرڻ گهرن ٿا انهن کي هر حال ۾ اتي پاڻي کپي. اهي اهو نه ڏسندا ته ڪنهن جو پاڻي گهٽجي ٿو يا نه ملي اهو پنهنجو پاڻي کڻندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.