ڏاڍ جي بنياد تي درياهه تان اسان جو حق ختم ڪيو پيو وڃي: ڀاڏائي

ٺٽو: جيئي سنڌ محاذ جي وائيس چيئرمين نواز شاھ ڀاڏائي چيو آھي ته پيپلز پارٽي غير قانوني ڪئنالن ٺاھڻ ۾ پنجاب سان گڏ آھي ڏاڍ جي بنياد تي سنڌو درياءُ تان اسان جو حق ختم ڪيو پيو وڃي، ڪئنال ٺھيا تـ 6 ڪروڙ سنڌي دربدر ٿي ويندا، پاڻي جي شديد بحران سبب  حالت اھا آھي جو پوڇڙ وارن علائقن ۾ لاشن کي غسل ڏيڻ جيترو پاڻي ناھي، ھن سال ساريالو فصل به نه ٿي سگھندو، ھن چيو ته پ پ جي سياست منافقت تي ٻڌل آھي جيڪڏھن سنڌ حڪومت سي سي آءِ سميت لاڳاپيل فورمن تي ايمانداري سان پاڻي جو ڪيس وڙھي ھا ته سنڌو درياءُ تي پنجاب وڌيڪ ڪئنال ٺاھڻ جو سوچي به نه ھا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.