ٺٽو: سنڌ ڪلچرل فورم جي چيئرمين صادق لاکو، ايس ٽي پي جي ضلعي صدر سيد جلال شاھ، قومي عوامي تحريڪ جي ضلعي صدر ممتاز شيخ، جيئي سنڌ تحريڪ جي ضلعي صدر راول ڪرناڻي، جيئي سنڌ محاذ جي ضلعي صدر امجد شورو، ايس يو پي جي ضلعي صدر عمران خشڪ، پ پ شھيد ڀٽو جي ضلعي صدر بابو احسان ڀٽو، سماجي اڳواڻن امجد پليجو، علي احمد پنھور، گسٽا اڳواڻ شيراز ميمڻ، سنڌي ادبي سنگت جي فقير اڪرم مڱڻھار ۽ ٻين عوامي آواز سان ڳالھائيندي چيو ته وفاق ۽ پنجاب ھميشا سنڌ جي پاڻي تي ڌاڙو ھڻندو رھيو آھي، غير قانوني ڪئنال ۽ ڊيم ٺاھي سنڌ جي پاڻي تي قبضو ڪيو ويو آھي، 1991ع جي معاھدي تحت سمنڊ جي تباھڪارين کي روڪڻ لاءِ 10 ملين ايڪڙ فوٽ پاڻي ھر سال ڪوٽڙي کان سنڌو درياءُ ۾ ڇڏڻو آھي پر ان معاھدي تي ڪوبه عمل نه ٿي رھيو آھي.
، ھنن چيو ته سنڌو درياءِ ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ پاڻي نه ڇڏڻ سبب سنڌ جي سامونڊي پٽي جي 40 لک ايڪڙ زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آھي ۽ وفاق سنڌو درياءُ مان وڌيڪ 6 نوان ڪئنال ڪڍڻ جون سازشون ڪري رھيو آھي، جيڪڏھن سنڌو تي نوان ڪينال ٺھيا ته پوءِ نه رڳو ڪوٽڙي بئراج پر سکر ۽ گڊو بئراج به متاثر ٿيندا ۽ سنڌ ڀڙڀانگ بڻجي ويندي، ھنن چيو ته سمنڊ جي تيزي سان اڳتي وڌڻ ڪري سامونڊي پٽي ۾ وڏي پئماني تي تباھي ٿي آھي، فوري طور سنڌو درياءُ ۾ مٺي پاڻي جو ڇوڙ جاري ڪري ٿيندڙ تباھڪارين جو ازالو ڪيو وڃي.