سکر(رپورٽر) اين آءِ آر سي سکر بينچ جو اهم فيصلو، يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جا 159 ڊيلي ويجز ملازم بحال، سکر اين آءِ آر سي (نيشنل انڊسٽريل ريليشنز ڪميشن) سکر بينچ جي معزز جج سيد نورالحسنين يوٽيلٽي اسٽورز ڪارپوريشن جي 159 ڊيلي ويجز ملازمن جي برطرفي جا حڪم معطل ڪندي، انهن کي فوري طور بحال ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو. اهي ملازم سکر زون جي پنجن ريجنز، يعني دادو، لاڙڪاڻو، شڪارپور، گھوٽڪي، سکر ۽ ڪراچي زون جي نواب شاهه ريجن سان واسطو رکندڙ هئا، جن کي 15 فيبروري 2025 تي ريليوونگ آرڊر جاري ڪري نوڪري مان فارغ ڪيو ويو هو، درخواست گذار جي وڪيل مجيب شيخ عدالت ۾ موقف پيش ڪندي چيو ته ملازمن جي برطرفي غيرقانوني ۽ غيرمنصفاڻو عمل آهي، جنهن سبب انهن جي روزگار تي ناڪاري اثر پيو آهي.
. معزز عدالت فريقين جا دليل ٻڌڻ بعد فوري طور ريليوونگ آرڊرز معطل ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو ۽ ملازمن کي ٻيهر بحال ڪرڻ جي هدايت ڪئي، عدالت هدايت ڪئي ته سڀني آفيسرن کي ايندڙ ٻڌڻي تي پيش ٿي ريليوونگ آرڊرز واپس وٺي عدالت ۾ جمع ڪرائڻا پوندا.عدالت ايندڙ ٻڌڻي تي سڀني آفيسرن کي ٻيهر طلب ڪيو آهي.