پاڻي ذخيرن جي انصاف ڀري ورڇ ڪئي وڃي: ڪاشف سعيد شيخ 

ڪراچي(رپورٽر) جماعت اسلامي سنڌ جي امير  ڪاشف سعيد شيخ  پيئڻ لاءِ پاڻي جي کوٽ تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته هن وقت جڏهن تڪراري ڪينالن خلاف سڄي سنڌ سراپا احتجاج بڻيل آهي تڏهن پ پ سنڌ جي ماڻهن سان گڏ بيهڻ بدران احتجاج ڪندڙن خلاف پوليس گردي ۽ ڪوڙا ڪيس داخل ڪري پنهنجي آقائن کي خوش ڪرڻ ۾ رُڌل آهي، هن چيو ته سنڌو مٿان نوان ڪينال جوڙي درياهه جو رُخ موڙڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي، جيڪڏهن نوان ڪئنال ٺهيا ته سنڌ کي جيڪو پاڻي ملي ٿو اهو به بند ٿي ويندو ۽ سنڌ جي زراعت توڙي معيشت مڪمل طور تي برباد ٿي ويندي، هن چيو ته ملڪ ۾ موجود پاڻي ذخيرن جي انصاف ڀري ورڇ ڪئي وڃي ۽ سنڌوءَ مٿان نوان ڪينال ڪڍڻ جي ضد کي ڇڏي سنڌ جي زراعت ۽ معيشت کي تباهه ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ موثر قدم کنيا وڃن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.