سھيل ڪلوڙ، زبير شاھه ۽ توحيد لغاري جي آزادي لاءِ احتجاج

حيدرآباد / ڄامشورو (نمائندا) جيئي سنڌ تحريڪ مرڪزي سڏ تي سنڌ جي مختلف شھرن مان کنڀي گم ڪيل قومپرست ڪارڪنن سھيل ڪلوڙ، زبير شاھ ۽ توحيد لغاري جي آزادي ۽ سنڌ يونيورسٽي جي شاگردن واري ايف آءِ آر ۾ جست جي ڪارڪنن نالا شامل ڪرڻ خلاف  حيدرآباد ۽ چامشوري ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا، ان موقعي تي جيئي سنڌ تحريڪ جي چيئرمين سورهيه سنڌي، انور بڙدي، محب آزاد، مير جان چانڊيو، فيصل وڳڻ، مير جان سنڌي، ياسن لنڊ ۽ ٻين چيو ته ميرپور ماٿيلي مان جست جي مرڪزي اڳواڻ سھيل ڪلوڙ کي سندس گھر مان جبري طور کنڀي گم ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پرامن قومپرست زبير شاھ ۽ توحيد لغاري کي به کنڀي گم ڪيو ويو آهي جيڪو انتھائي مذمت جوڳو عمل آهي، ھن مطالبو ڪيو ته کنڀي گم ڪيل سھيل ڪلوڙ، زبير شاھ، توحيد لغاري ۽ ٻين کي آزاد ڪيو وڃي ۽ سنڌ يوبيورسٽي جي شاگردن واري ايف ٰ آر مان جست جي ڪارڪنن جا نالا ختم ڪيا وڃن.

  1. حڪومت جو افغان شهرين کي 31 مارچ تائين پاڪستان ڇڏڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو+م ڊ ) وفاقي گهرو وزارت افغان سٽيزن ڪارڊ هولڊرن کي 31 مارچ 2025 تائين پاڪستان ڇڏڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، گهرو کاتي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، غير قانوني پرڏيهي شهرين جي واپسي جو پروگرام پهرين نومبر 2023 کان لاڳو آهي ۽ هاڻي سمورن غير قانوني پرڏيهين ۽ افغان سٽيزن ڪارڊ هولڊرن کي 31 مارچ 2025 تائين رضاڪاراڻي طور ملڪ ڇڏڻ جو حڪم جاري ڪيو ويو آهي، پڌرائي موجب، پهرين اپريل 2025 کان افغان سٽيزن ڪارڊ هولڊرن جي ڊيپورٽيشن جو عمل شروع ڪيو ويندو ۽ کين باعزت واپسي لاءِ گهڻو وقت ڏنو ويو آهي، گهرو کاتي واضح ڪيو ته واپسي دوران ڪنهن سان به بدسلوڪي نه ڪئي ويندي، جڏهن ته واپس ويندڙن لاءِ خوراڪ ۽ صحت جي سهولتن جو بندوبست به ڪيو ويو آهي، بيان ۾ چيو ويو ته پاڪستان هڪ ذميوار رياست طور پنهنجا واعدا ۽ فرض پورا ڪندو رهيو آهي ۽ ملڪ ۾ رهندڙ سڀني کي قانوني گهرجن ۽ آئين جي پابندي ڪرڻي پوندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.