ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي جڙتو پوليس مقابلي ۾ مارڻ بعد سندس لاش ڳوٺ پهچڻ تي لاش کي ساڙڻ جي ڪوشش واري ڪيس جي ٻڌڻي ملتوي. ڊاڪٽر شاهنواز تي پسٽل برآمد ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪندڙ ايس ايڇ او خلاف عدالت جي حڪم تي ڪيس داخل تفصيل موجب گستاخي ڪرڻ جي ڪيس ۾ نامز عمرڪوٽ جي رهواسي ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر کي سنڌڙي پوليس پاران جڙتو مقابلي ۾ مارڻ بعد ڊاڪٽر جي لاش عمرڪوٽ لڳ ڳوٺ پهچڻ تي لاش کي ساڙڻ جي ڪوشش واري ڪيس جي ٻڌڻي گذريل ڏينهن دهشتگردي جي خاتمي واري عدالت ۾ منعقد ٿي ٻڌڻي دوران ڪيس ۾ نامزد جوابدارن مولوي احمد شاهاڻي، مولوي رياض پنهور، مولوي امجد پنهور، شير علي سميجو، محبوب علي ساند، غلام مجتبيٰ پنهور، نورحسن پنهور، غمشاد علي پنهور، محمد سيفل پنهور، لکمير سميجو، ارشد سميجو، عليم سميجو، محمد سليم ساند، معشوق خاصخيلي، فقير محمد پليجو، بدرالدين پنهور ۽ عبدالغفار راڄڙ کي پوليس معزز عدالت ۾ پيش ڪيو. ٻڌڻي تي فريادي ڌر جي وڪيل جي نه پهچڻ تي عدالت ايندڙ ٻڌڻي 14 مارچ تائين ملتوي ڪري ڇڏي،