ٺٽو: سنڌ جو انڊس ڊيلٽا 92 سيڪڙو سڪڙجي ويو، 17 مان 15 ڪريڪس ختم، سنڌ جو انڊس ڊيلٽا 12 ھزار 900 اسڪوائر ڪلو ميٽر تائين پکڙيل ھو، جيڪو ھاڻي گھٽجي وڃي ھڪ ھزار ڪلو ميٽر تي بچيو آھي، 92 سيڪڙو انڊس ڊيلٽا سڪڙجي ويو آھي، جڏھن ته انڊس ڊيلٽا جي 17 ڪريڪ مان مان صرف 2 ڪريڪس کوبر ۽ کار بچيون آھن، اڳ ۾ سنڌو درياءُ جو پاڻي سمنڊ 17 ڪريڪس مان ڇوڙ ٿيندو ھو پر ھن وقت صرف 2 ڪريڪس مان نه ھئڻ برابر پاڻي ڇوڙ ٿي رھيو آھي.