سمنڊ ھر روز ھڪ سئو ايڪڙ زمين پائي رھيو آھي: پاڻي ماهر

ٺٽو: سنڌو درياءُ ۾ ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ مٺي پاڻي جو ڇوڙ نه ٿيڻ ڪري سمنڊ ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعن جي 40 لک ايڪڙ زمين ڳڙڪائي ويو، پاڻي ماھرن موجب سمنڊ ھر روز ھڪ سئو ايڪڙ زمين پائي رھيو آھي، جيڪڏھن سمنڊ ۾ مٺي پاڻي جو ڇوڙ نه ٿيو آھي، تمام جلد ٺٽو، سجاول ۽ بدين ضلعا پاڪستان جي نقشي تان مٽجي ويندا ۽ ھڪ وڏو انساني الميو جنم وٺي سگھي ٿو، 1991ع ۾ ان وقت جي وزيراعظم نواز شريف جي حڪومت ۾ صوبن ۾ پاڻي جي ورڇ بابت 1991ع معاھدو طئي ڪيو ويو، جنھن تحت ھر سال ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم ۾ 10 ملين فوٽ ايڪڙ پاڻي ڇوڙ ڪيو ويندو پر ان معاھدي تي ڪوبہ عمل نه پيو ڪيو وڃي، جنھن جي ڪري سمنڊ تيزي سان ٺٽي جي تاريخي حيثيت کي تباھي طرف ڌڪي رھيو آھي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.