ڀنڀور/ ٺٽو(رپورٽ: مقصود جوکيو/ منصور جلالاڻي) ڪوٽڙي ڊائون اسٽريم کان ھيٺ سنڌو درياءُ ۾ مٺي پاڻي جو ڇوڙ نه ٿيڻ سبب سمنڊ تيزي سان اڳتي وڌي رھيو آھي، جنھن جي ڪري ٺٽي ضلعي جي سامونڊي پٽي جي لکين ايڪڙ زرخيز زمين سمنڊ ڳڙڪائي ويو آھي. جنھن جي ڪري سامونڊي پٽي مان ھزارين ماڻھو بک بدحالي جو شڪار ٿيڻ ڪري ھزارن جي تعداد ۾ لڏپلاڻ ڪري ڪراچي جي ابراھيم حيدري سميت ٻين علائقن ڏانھن ھليا ويا آھن، سمنڊ جي تيزي سان اڳتي وڌڻ ڪري ٺٽي ضلعي جي تعلقن ڪيٽي بندر، کاروڇاڻ، گھوڙاٻاري ۽ ميرپور ساڪرو تعلقن ۾ وڏي پئماني تي تباھي جا آثار نظر اچي رھيا آھن، ڄاڻايل تعلقن جون 25 ديھون سمنڊ جي کاري پاڻي جي ور چڙھي ويون آھن، سمنڊ جو تيزي سان اڳتي وڌڻ خطرناڪ ٿيندو پيو وڃي جر کارو ٿي ويو شھرن ۾ رھندڙ لکين ماڻھو متاثر ٿي رھيا آھن، انڊس ڊيلٽا ۾ مٺو پاڻي نه ڇڏڻ سبب سمنڊ جو اڳتي وڌڻ آباد زمينون بنجر ڪري رهيو آهي، جنهن سبب تاريخي شهر کاروڇاڻ، سڄڻ واري، ڪيٽي بندر، ڳاڙھو، جھالو، جوھو ۽ گھوڙاٻاري سميت سامونڊي پٽي جا علائقا انساني آبادي کان خالي ٿي ويا آهن، سامونڊي ٻيٽن ڪريڪن ڪوبر واڙي، ترڇاڻ، حجامڙو، انڀرا، ڀوري، سوکي ۽ ٻين ڪريڪن ٻيٽن تي آباد هزارين ماڻهو اتان هليا ويا آهن، جتي ڇڏيل نشانيون مسجدون قبرستان اڄ به سندن صدين کان آباد ۽ خوشحال هئڻ جا شاهد بڻيل آهن، سامونڊي پٽي جي پڇڙي وارين شاخن انڊو، دارسي، خاڻاني، مليرڙي، جھالو، گهوڙاٻاري، جوھو، ٻن ڳاڙھو جي پڇڙي ۾ زرعي پاڻي جي شديد کوٽ سبب هزارين ايڪڙن زرعي زمينون غير آباد ٿيڻ سبب 50 سيڪڙو زراعت سان تعلق رکندڙ طبقو بيروزگار ٿي چڪو آهي، 35 سيڪڙو ماهيگيري سان تعلق رکندڙ طبقو بيروزگار بڻجي ويو آهي، جنهن ڪري هتان جا ماڻهو ابراهيم حيدري، ملير، گهگهر، گلشن حديد، ڌاٻيجي، ڪراچي ۽ ٻين هنڌن تي هليا ويا آهن، هن علائقي جا خوشحال خاندان ٻين هنڌ تي وڃي مزدوري ڪرڻ تي مجبور آهن، سامونڊي پٽي جي علائقن مان تيزي سان ٿيندڙ لڏپلاڻ کي ڏسي اهو اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ايندڙ 10 سالن اندر هتان 70 سيڪڙو انساني آبادي لڏپلاڻ ڪري چڪي هوندي، ساحلي پٽي جون 30 قدرتي ڍنڍون سامونڊي ويرن جي ور چڙهڻ سبب تباھ ٿي ويون، جن ۾ سجاول ضلعي جي وڏي ۾ وڏي ڍنڍ پيڻن واري مڪمل سمنڊ اندر هلي وئي آهي ۽ لڄاڻو ڍنڍ، وينگار ڍنڍ، ماڻٺي ڍنڍ، ڪوري، لاھن واري، چر ٻر، جھٻو، ڇڇ، گڏاپ، رپڙ، ڪڙ، ڇاڻ، سانڀيڙ ڍنڍ، ڍانگ، ويڪئي، چوپٽي، ونئڻ ڍنڍ، کڏي، ڪاجري، تل، جھم، انڍو، سور ھڏي، فانڊو، پٽيجي، گھاڙي، شيخاڻي، شڪور ڍنڍ ۽ نريڙي ڍنڍ به سمنڊ اجاڙي ڇڏيون آهن، ڍنڍ جي تباهي سبب مڇين جا سوين نسل گوج، بونھڻ، ڳانير، پوپري، لوڙھ، ڪنگ، ڀون ڦاڙ، گندڻ، دانر، ڏنديو، گلو، مور مڇي ۽ ٻيا نسل تباهه ٿي ويا، هن وقت ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته سامونڊي پٽي جي علائقن جي مک بئراج اڏيرو لال سميت 18 شاخن جي پڇڙي ۾ مٺي پاڻي جي کوٽ ختم ڪري انڊس ڊيلٽا ۾ مٺو پاڻي ڇڏيو وڃي ۽ سامونڊي پٽي جي علائقن جي ماڻهن کي پيئڻ جو پاڻي مهيا ڪرڻ سميت زراعت جو پاڻي فراهم ڪيو وڃي، سامونڊي پٽي جي ٻيٽن ۽ ڪريڪن تان ڀولو گجو ڄار جي استعمال ڪندڙ خلاف ڪارروائي ڪري، سامونڊي پٽي تي آباد ڳوٺن ۽ شهرن کي سمنڊ جي ڳڙڪائڻ کان بچايو وڃي.